ارمان

ارمان (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي ٻهڳڻي شاعر سڳن آهوجا جي شاعريءَ جو هي پهريون ڪتاب آهي. سڳن آهوجا سنڌي ٻوليءَ جو ٻهڳڻو نقاد، ترقي پسند شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ٿي گذريو آهي، پر هو شاعر طور وڌيڪ مشهور هو. هو سنڌيءَ جي صف اول جي شاعرن ۽ نقادن ۾ شمار ٿيندو هو. سندس ٻه ڪتاب ”پياري چيز“ (شاعري ۽ نثري تخليقون) ۽ ”ڪنول جاڳي پيا“ (ناول) ڇپجي شهرت ماڻي چڪا آهن، ”ارمان“ سندس شاعريءَ جو ڪتاب آهي، جنهن مان اسان کي زندگيءَ جو ڀرپور ۽ گوناگون چتر يا عڪس ملي ٿو. هن ڪتاب ۾ سندس نظم، غزل، آزاد نظم ۽ قطعه شامل آهن، جن ۾ جتي ورهاڱي جو درد ۽ سنڌ، سنڌي تهذيب، شاهه ۽ سنڌي ٻوليءَ سان اٿاهه پيار آهي ته اتي محبت جا جذبا، سجاڳيءَ جا سڏ، زندگيءَ جي ڪٺنائن جو بيان به اثرائتي انداز ۾ موجود آهي. مشهور ڪهاڻيڪار موهن ڪلپنا سندس شاعري ۽ تخليقن کي سامهون رکندي کيس مفڪر شاعر سڏيو آهي. سڳن آهوجا جي هيٺئين غزل وڏي شهرت حاصل ڪئي زندگي، تنهنجي ادائن کان ٿيو بر آهيان، غم جا پهلو ته بدل، نيٺ به شاعر آهيان. هي شعري مجموعو، ڪرائون سائيز جي 128 صفحن تي مشتمل آهي ۽ مشهور اديب ۽ پبلشر، اي. جي اُتم، نئين دنيا پبلشرس پاران مئي 1970ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت صرف ٽي رپيا رکيل آهي.


لفظ ارمانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو