ڇلڙو

ڇلڙو (گيت): هيءُ لوڪ سنڌي شاعريءَ جو نهايت ئي مقبول لوڪ گيت آهي، جنهن جو موضوع ’ڇلڙي‘ نالي آڱر ۾ پائڻ واري ڳهه ڇلي تي آهي. ڇلي کي سنڌ جي ثقافتي روايتن ۾ محبت جي نشاني واري ڳهه جي علامت طور ورتو وڃي ٿو. هن لوڪ گيت ۾ خاص ڪري محبت جون پچارون، نشانيون، اهڃاڻ، ڏوراپا، ارمان وغيره نظم جي صورت ۾ بيان ڪيل هوندا آهن. هيءُ لوڪ گيت سنڌي توڙي سرائيڪيءَ ۾ ملي ٿو. هن جا وراڻا مختلف آهن:
(1) تنهنجي مهرباني ڇلڙو ڏي نشاني، (2) الوڙي ڀلوڙي ڇلڙو ڏي نشاني.
ڇلڙو لوڪ گيت محبت جي گفتگوءَ جو سنڌي لوڪ ادب ۾ اعليٰ ۽ نادر نمونو آهي. هيءُ گيت سنڌ اندر آڳاٽي زماني کان رائج نظر اچي ٿو ۽ ابتدا کان مشهور ۽ مقبول رهيو آهي. هي لوڪ گيت جيجي زرينه بلوچ ۽ سندس ساٿياڻين ڳائي وڏي مقبوليت ماڻي، جنهن جا ٻول هي ريت آهن:
جيڏل منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾ ڙِي،
ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾!
ڪِـري پـيـو کـوهه ۾ ڙِي،
کـــوهه جـي نــار ۾ ڙِي!
نار جـي نـيـســـرُ ۾ ڙي،
لـوٽـن مــان ٿــي وَريــو،
ڀيڻ منهنجو ڇلڙو پاڻيءَ ۾!


لفظ ڇلڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو