چاهي

چاهي: چاهي کوهن جي پاڻيءَ ذريعي ٿيندڙ پوک جو قسم آهي. کوهن جي پاڻيءَ تي جيڪا پوک ڪئي ويندي آهي، ان کي ’چاهيپوک چوندا آهن. اڄ به ٿر جي ڪيترن علائقن پارڪر ۽ ڪنٺي وارن ڀاڱن ۾، جتي کوهن مان ويجهو پاڻي نڪرندو آهي، اتي ٻاجهريءَ جي پوک اُن کوهي پاڻيءَ تي ٿيندي آهي، ان پوک کي ’چاهي پوک‘ چئبو آهي. چاهي آبپاشيءَ جو طريقو آهي، جنهن سان کوهن تي نار چاڙهي، پاڻي ڪڍي فصل اپايو ويندو آهي.


لفظ چاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو