پپري

پپري: هن نالي سان سنڌ ۾ گهڻيون ئي ديهون ۽ ڪيترائي ڳوٺ آباد آهن. هڪ ديهه تعلقي گنبٽ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ٽي ڳوٺ آباد آهن: هن نالي سان ٻي ديهه ضلعي ۽ تعلقي دادوءَ ۾ موجود آهي، جنهن ۾ گهڻا ئي ڳوٺ آباد آهن، جن ۾: سلطان ٻوڪ، غازي پنهور، ٻرڙا، ڪرم خان، راوت، زنئور، قيصر زنئور، نبي بخش پنهور، فتح خان زنئور، حسن پنهور، سلطان ڀنڊ، ارباب پنهور، رحمت الله ڀنڊ، عبدالفتح شاهه، لاکا الهندو ٻرڙو، بچل ٻوڪ، پير شاهه، ڌامراهه پنهور، شاهه زنئور، پپري پٽوها، ڀنڊ ڳوٺ، ڳوٺ ٻوڪ. ساڳئي نالي سان ضلعي دادوءَ جي تعلقي ميهڙ ۾ به هڪ ديهه آهي، جنهن ۾ هي ڳوٺ شامل آهن: پپري، ڪنڊو مهيسر، رکيو مهيسر، پريتم داس، بهرام کوسو ۽ دين محمد. يونين ڪائونسل گھگھر، تپي درساڻي ڇني، تعلقي ملير ڪراچي ۾ به پپري نالي ديهه موجود آهي. هن ديهه جون حدون ريلوي لائين کان سمنڊ ڪناري تائين آهن. پپري ڍوري ۾ پپر جي وڻن جي گھڻي تعداد ۾ هئڻ ڪري هن کي پپري چيو ويو. هن جو پراڻو نالو پپر آهي. پپري ڍورو، کاري وارو ڍورو، کاري ڊهي وارو پٽ، جبل ۽ ٽڪريون به هن ۾ شامل آهن. تعلقي ميرپورماٿيلي جي هڪ ديهه جو نالو به پپري آهي، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن: علي مراد جلباڻي، دليل جلباڻي، پپري، بهرام جلباڻي، محمود ڪورائي، شاهل خان لغاري ۽ محراب پتافي. پپري يا پنپري نالي هڪ ننڍو شهر ڀارت جي شهر پوني لڳ، پوني بمبئي روڊ تي موجود آهي، جتي سنڌي ٻوليءَ جا ڪيترا اديب رهن ٿا.


لفظ پپريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو