ڀنڊ

ڀنڊ: ڀنڊ هڪ ذات آهي، هنن جو شمار ڀانن ۽ ڀٽن ۾ ٿئي ٿو. ڀنڊ لفظ هندي جي ”ڀنڊا“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڳهير، منگتو. هندستان جا راجا مهاراجه ’ڀنڊا‘ پاڻ وٽ وندر خاطر رکندا هئا. هي ماڻهو ملڪ ۾ گهمندا ڦرندا ۽ ماڻهن جي دل وندرائيندا رهندا آهن. هي اصل ميراثي آهن. هي پنجاب کان سواءِ سنڌ ۾ به گهڻي تعداد ۾ رهن ٿا. ڀنڊ قبيلي جا فرد ڳائيندا ۽ خيرات وٺندا آهن ۽ ضد ڪرڻ سبب عام اصطلاح طور اهو به چيو ويندو آهي ته ”صفا ڪو ڀنڊ فقير آهين“. ’ڀنڊي ڪرڻ‘ به شايد ان مان ئي ٺهيو آهي.


لفظ ڀنڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو