
شادي

شادي جون رسمون

موڙ

نڪاح

تر مئڻ يا چانور مئڻ جي رسم
شادي: شاديءَ جي معنيٰ خوشي آهي. سماجي طور تي اهو هڪ مڃيل، پائيدار ۽ مستحڪم لاڳاپو آهي، جيڪو ٻن فردن (مرد ۽ عورت) جي وچ ۾ جڙي ٿو، ان کي شادي چئجي ٿو. شاديءَ ۾ اڪثر تحريري ۽ روايتي معاهدو هوندو آهي، جنهن ۾ جوڙي جي حقن ۽ فرضن جو تعين ڪيو ويندو آهي. شاديءَ کي ٻن فردن جي ذاتي تعلق سان گڏ معاشري ۾ بہ بنيادي اهميت حاصل آهي، جن معاشرن ۾ دولت ۽ جائداد موروثي طور نسل در نسل منتقل ٿيندي رهندي آهي، اتي فرد جي پيدائش ۽ شادي تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پر صنعتي معاشرن ۾ شادي هڪ سماجي دستور گهٽ، پر ٻن ڄڻن جي وچ ۾ ازدواجي تعلق جو هڪ معاهدو آهي. شادي مخالف جنس جي ٻن فردن يعني عورت ۽ مرد (مڙس ۽ زال) جي شراڪت جو نالو آهي، پر ويجهڙائيءَ ۾ مغرب جي ڪن ملڪن ۾ ساڳي جنس جي فردن جي وچ ۾ بہ شادي ٿئي ٿي. نامور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر الھداد ٻوهيي پنھنجي ڪتاب ‘سنڌي ٻوليءَ جو سماجي ڪارج’ ۾ شاديءَ جي وصف بيان ڪندي لکيو آهي ته، “شادي، سماج ۾ رائج ٿيل ۽ مقرر ڪيل مخصوص قانون تحت عورت ۽ مرد جو پاڻ ۾ ظاهري طور زال مڙس بڻجڻ جو بنيادي سماجي ادارو آهي.” مسلمانن ۾ شاديءَ ۾ نڪاح نامو هڪ اهم دستاويز آهي، جنهن ۾ وڪالت ۽ شاهديون درج ٿيل هونديون آهن ۽ طلاق وغيرہ جي حق متعلق بہ وضاحت ڪيل هوندي آهي ۽ حق مھر مقرر ڪيل هوندو آهي. انساني زندگيءَ ۾ گهر جو تصور نهايت اهم آهي ۽ سنڌ ۾ لفظ ‘گهر’ عورت لاءِ بہ ڪم ايندو آهي. ‘قديم سنڌ’ ڪتاب ۾ ڀيرو مل مھر چند آڏواڻيءَ جي راءِ موجب: ‘گهر انسان جو پهريون مڪتب آهي. اهو ئي سڀيتا جو اوائلي ماڳ ۽ پنگتي جوڙجڪ جو مول مرڪز آهي. زال ۽ مڙس جي گڏيل ذميوارين ۾ گڏ رهڻ، معاشي مسئلن ۾ شراڪت ۽ پنھنجي ٻارن جي تربيت شامل آهي.’شادي هڪ قسم جو عهدنامو آهي، جيڪو مختلف سماجن ۾ مختلف صورتن ۾ نظر اچي ٿو. عام طور سڄي دنيا ۾ شاديءَ جا مروج قسم هيٺينءَ ريت آهن: شادي جا قسم: (1) هڪ مڙس هڪ زال جي شادي (Monogamy): انساني سماج جي سڀني سطحن تي مرد ۽ زال جي شاديءَ (Monogamy) جو تصور ملي ٿو تہ هڪ مرد جي هڪ زال هجي ۽ هڪ زال جو هڪ مڙس هجي. ضروري ناهي تہ دنيا جي مڙني سماجن ۾ ساڳي سماجي جوڙجڪ قائم هجي. ڪيترن جهنگلي قبيلن (Savage Tribes) ۾ اڃا تائين اهو طريقو موجود آهي ۽ ڪيترن سڌريل يا ترقي يافتہ سماجن ۾ ٻيا قسم بہ ملن ٿا پر هاڻوڪن سڌريل سماجن ۾ شاديءَ جو اهو ئي هڪ مڃيل، قابل قبول ۽ قانوني طريقو آهي، جنهن ۾ هڪ مرد لاءِ هڪ زال جو تصور ٿئي ٿو. (2) شادي جو ٻيو قسم هڪ مڙس وارو (Mono-andry): هي قسم بہ مٿئين قسم سان ملي ٿو، پر هتي هڪ زال لاءِ هڪ مڙس هئڻ تي زور ڏنو وڃي ٿو، جيڪا ڳالھہ عام طور رواج ۾ آهي. (3) گهڻن مڙسن واري شادي (Polyandry): شاديءَ جي هن قسم ۾ هڪ زال جا ٻہ يا ان کان وڌيڪ مڙس ٿي سگهن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن اهي ٻه، ٽي، چار، توڙي، پنج بہ ٿين، جيڪي پاڻ ۾ ڀائر هجن. ان ڏس ۾ هندستان جي تاريخ ۾ دروپديءَ جو مثال ملي ٿو، جيڪا پنجن پانڊو ڀائرن جي هڪڙي زال هئي. ڪجهہ وقت اڳ واري دور ۾ هندستان ۾ اتر پرديش جي ديرادون ضلعي ۾ جانسر ۽ باور (Janser and Bawar) قبيلا، جيڪي راجپوت ۽ برهمڻ آهن. تن وٽ هڪ عورت ٽن يا چئن مڙسن جي زال هوندي آهي، جي پاڻ ۾ ڪڏهن ڀائر، ڪڏهن سؤٽ ماسات تہ ڪڏهن ٻيا بہ ٿين ٿا. ڪشمير ۽ آسام ۾ بہ گهڻن مڙسن واري زال جو تصور ملي ٿو. نہ فقط هندستان ۾ پر تبت ۾ يا منگول نسل جي ڪن قبيلن ۾ بہ اهو رواج رهيو آهي. ان کان سواءِ آمريڪي ريڊ انڊين قبيلن، برفاني علائقن جي اسڪيموز، اتر آمريڪا جي الاسڪا ساحل، ڏکڻ سامونڊي ٻيٽن ۾، اوڀر افريقا جي ‘واهونا’ قبيلن، سيلون (سريلنڪا) جي ڪجهہ علائقن ۽ Arabic Felix ۾ ڪجهہ گهڻن مڙسن واري شاديءَ (Polyandry) جون روايتون ملن ٿيون. (4) گروهي شادي (Group Marriages): هن قسم جي شاديءَ ۾ ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ مڙس ٿين ٿا، جن جون گڏيل زالون ٻہ يا ٻن کان وڌيڪ ٿين ٿيون. هندستان جي نائر قبيلي ۾ هڪ گروھہ ۾ ٽن يا چئن مردن جي هڪ زال هوندي هئي. هر هڪ مرد ٻي زال بہ رکندو هو، جيڪا ٻن يا ٽن مڙسن جي بہ ساڳئي وقت زال هوندي هئي. اهو گروهي شاديءَ جو هڪ خاص طريقو هو، جنهن ۾ مرد گهڻيون زالون ۽ زالون گهڻا مرد مڙس طور رکنديون هيون. (5) گهڻ زالي شادي (Polygamy): هڪ مڙس جي وڌيڪ زالن واري شاديءَ جو رواج سنڌ (پاڪستان) سميت گهڻن اسلامي ملڪن ۾ ملي ٿو. دنيا جي ڪيترين قومن ۽ قبيلن ۾ زالن جو تعداد ڪنهن ماڻهوءَ جي سماجي رتبي جي سڃاڻپ آهي. اسلام چئن شادين جي اجازت ڏئي ٿو پر دنيا جي ڪجهہ ٻين مذهبن ۾ بہ مرد جي وڌيڪ شادين جي اجازت موجود آهي. طلاق يا ننڍي عمر ۾ بيوھہ ٿيڻ جي حالت ۾ عورت کي پڻ ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت حاصل رهي آهي. هندستان جي ناگا قبيلن، دراوڙن جي ڪن ذاتين، آفريقا جي ڪيترن قبيلن، آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي اصلوڪن رهاڪن جي ڪن علائقن ۾ گهڻين زالن وارا ڪٽنب ملن ٿا. شاديءَ جون رسمون هر مذهب ۽ گروھہ ۾ مختلف ٿين ٿيون. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ بہ ثقافتي طور شاديءَ جون رسمون مختلف آهن، جن جو ڪجهہ تفصيل هيٺ ڏجي ٿو: سنڌ ۾ شاديءَ جون رسمون پراڻي وقت کان ساڳيون هلنديون ٿيون اچن. عام طور تي گهوٽ جا مائٽ ڪنوار ڳوليندا آهن، جيڪا اول پنھنجي ڏاڏاڻي آڪھہ ۾، نہ تہ پوءِ ناناڻي آڪھہ ۾ ڏسبي آهي. ٻنهي طرفن ۾ ڪو سڱ نہ هئڻ جي صورت ۾ پنھنجي مائٽن يا ساڳيءَ ذات ۾ ڪوشش ڪئي ويندي آهي. اڳي ذات کان ٻاهر شادي ڪرڻ کي سٺو ڪو نہ سمجهيو ويندو هو، پر هاڻي ان رواج ۾ گهڻي تبديلي اچي چڪي آهي. ايتريقدر جو ٻين ذاتين ۾ بہ سڱابنديءَ جو رجحان وقت سان گڏ وڌي رهيو آهي. اڳ مروج رسم موجب سڱ بنا عيوض ڪو نہ ٿيندو هو. ‘بدي’ يا ‘ڏي وٺ’ (سڱ بدران سڱ ڏيڻ) جي صورت ۾ يا بدي ۾ ڏيڻ لاءِ ڪو سڱ نہ هئڻ سبب پيٽ لکي ڏيڻ جو رواج هو، يعني تہ شادي ڪري ايندڙ ڇوڪريءَ جي پيٽان ڄمندڙ ڌيءَ ڏيڻي ڪئي ويندي هئي ۽ رسم جي نتيجي ۾ عمر جي فرق کي ڪو نہ ليکيو ويندو هو. ننڍڙي عمر جي ڇوڪريءَ کي ڪنهن پوڙهي سان پرڻائڻ يا ڪنهن جوان ڇوڪريءَ جو ننڍڙي ٻار سان وهانءُ جائز سمجهي سڱ ڪيا ويندا هئا. جيتوڻيڪ مذهبي ۽ اخلاقي طور شاديءَ کان اڳ ڇوڪريءَ ۽ ڇوڪري جي مرضي پڇڻ جو حڪم آهي، پر ان تي عمل تمام گهٽ ٿيندو هو. بدي ۾ ڏيڻ لاءِ سڱ نہ هئڻ جي صورت ۾ ڇوڪريءَ کي ‘ڦلن مٺ’ تي ورتو ويندو هو. اها ‘ڦلن مٺ’ عام زبان ۾ ٽڪن تي سڱ، ڪرڻ جو ٻيو نالو آهي. بدي جي شادي هجي يا ٽڪن تي ڪيل سڱ ٻنهي صورتن ۾ ڇوڪريءَ جو ملھہ طئي ڪري کيس وڪري جي وٿ بڻايو ويندو هو. سنڌ ۾ قبيلائي ۽ خانداني جهيڙن جي فيصلن ۾ ڏنڊ طور ڪنهن ڇوڪريءَ جي ٻانهن ڏيڻ جو عام رواج اڃا ڪٿي ڪٿي آهي. توڙي جو اهي رواج گهڻو گهٽجي ويا آهن، پر ٿورا گهڻا رواج ڪن هنڌن تي موجود آهن. ان کان سواءِ سنڌ ۾ شاديءَ جي رسمن جي حوالي سان هي فرسودہ رسم بہ مروج رهي آهي تہ سماجي ۽ معاشي لحاظ کان مٿيون طبقو ڇوڪريءَ جي شادي ڏاڏاڻي آڪھہ ۾ نہ ٿي سگهڻ جي صورت ۾ قرآن وچ ۾ رکي مائٽ سندس شاديءَ جو حق بخش ڪرائيندا آهن ۽ ان رسم کي ‘حق بخشائڻ’ جي رسم چيو ويندو آهي ۽ ان کي سماجي قبوليت حاصل رهي آهي. جيتوڻيڪ موجودہ وقت ۾ ان رسم تي ڪجهہ قدر ضابطو آيو آهي، پر ان هوندي بہ سنڌ جي زميندار/ جاگيردار طبقي ۾ نياڻين جا حق بخشائڻ واري رسم اڃا ڪٿي ڪٿي برقرار آهي، جنهن جو مکيہ سبب ملڪيت آهي. ثقافتي حوالي سان شادي جي ڏهاڙي تي سنڌ ۾ ٿيندڙ رسمون بہ ٻين سماجن کان منفرد ۽ نهايت دلچسپ آهن، جن جو مختصر وچور هيٺينءَ ريت آهي: ٻُڪِي: ان لپ، جا واري سان جنڊ ۾ پيھڻ لاءِ وجهبي آھي. شاديءَ جي تياريءَ جو ھڪ موقعو (جنھن ۾ سھاڳڻيون جنڊ ۾ واري واري سان ان جي ٻڪي وجهي پيھنديون آھن). شاديءَ کان اڳ گهوٽيتن ۾ ‘ٻڪي وجهڻ’ جي رسم ٿئي، جيڪا شاديءَ کان ايڪيھہ، پندرھن، ست، پنج يا ٽي ڏينھن اڳ ٿئي. عموماً شاديءَ کان پندرھن ڏينھن اڳ اھا رسم ادا ڪئي ويندي آھي، ڪن ھنڌن تي شاديءَ کان مھينو يا ٻہ مھينا اڳ ۾ ٻڪي وجهن، پر جيئن تہ ٻُڪيءَ کان پوءِ گهوٽيتن ۾ روز رات جو خوشيءَ جي مجلس ٿئي، جنھن ۾ زالون ڳيچ ڳائين ۽ ڪجهہ نہ ڪجهہ خرچ پکو بہ ڪن، تنھنڪري گهوٽيتا پھچ سارو ٻڪيءَ ۽ شاديءَ جي تاريخ ۾ وٿي وجهندا آھن: يعني شاديءَ جي تاريخ سا گڏ ٻڪيءَ جي تاريخ بہ نروار ڪري ڇڏيندا آھن. ٻڪي ڏينھن جي ٽئين پھر يا سج لٿي مھل وجهن. ان ڏينھن تي گهوٽيتا پنھنجن عزيزن کان سواءِ ڳوٺ يا راڄ جون زالون بہ سڏ ڏئي گهرائين. ٻڪي وجهڻ جو ساٺ ھن ريت ڪندا آھن: گهوٽيتن جون ست سھاڳڻيون ”اکريءَ يا ننگهہ“ جي چؤڦير راڳو ڏئي، ان تي داءَ جا ست ليڪا ڪڍن، ان بعد اکري يا ‘ننگهہ’ ۾ پنج پاٽيون ڪورن چانورن جون ۽ ست ٻِٽا جوڙا (يعني 14) کارڪون وجهي، چٽيل مھرين سان چانور ڇڙين ۽ انھن مان کارڪون چونڊين، يا وري گهوٽ جي گهر جي جنڊ ۾ ست سھاڳڻيون، چانورن جون ست ٻڪيون وجهي، جنڊ کي چار سبتا ۽ ٽي ابتا ڦيرا ڏئي اٿن، ٻڪيءَ جي رسم ھلندي گهوٽيتن کي رنگ بہ ھڻن. ونَواهُه/ وناهُه/ ونَهُه: شاديءَ جي هڪ ابتدائي رسم، جنهن ۾ گهوٽيتن جون عورتون ڪنوار کي ونواھہ جو مخصوص پيلي/ ڦِڪي رنگ جو وڳو پارائي مختلف سنؤڻ ساٺ ڪرڻ بعد گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ ويهارينديون آهن. ونواھہ جو وڳو ڪنوار کي شاديءَ واري ڏينهن تائين پاتل هوندو آهي. هيءَ رسم سنڌ سميت ٻين علائقن ۽ قومن ۾ بہ ٿيندي آهي. ونواھہ جي رسم تحت شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿيڻ بعد ڪنوار کي ست ڏينهن، ڪٿي وري پنج يا ٽي ڏينهن وناھہ ۾ ويهارين. ونواھہ جي رسم ۾ گهوٽيتن توڙي ڪنواريتن پاران رڳو عورتون شامل ٿينديون آهن. ميندي: شاديءَ کان هڪ رات اڳ ڪنوار ۽ گهوٽ کي شاديءَ واري ڏينهن ميندي لائڻ جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي. هن رسم ۾ اوڙي پاڙي، راڄ ڀاڳ ۽ عزيزن قريبن کي دعوت ڏني ويندي آهي. مينديءَ جي رسم لاءِ بہ شاديءَ رات جيان ڪاڄ ڪيو وڃي ٿو. نياڻيون، سهاڳڻيون توڙي وڏي ڄمار جون عورتون ان رسم ۾ گڏ ٿين ۽ ڳائي وڄائي گهوٽ ۽ ڪنوار کي ميندي هڻن. ڪنوار کي پهريائين ست سهاڳڻيون واري واري سان ٿورو زرو ميندي هٿن تي لائين، باقي هٿن ۽ پيرن تي چٽ ڪڍن. گهوٽ کي جنهن کٽ تي ويهاري ميندي لائين، اها اولھہ اوڀر ڪري رکن. کٽ جي پيراندي اوڀر طرف ڪن. گهوٽ کي پهرين ساڄي هٿ ۽ پوءِ کاٻي هٿ تي ميندي لائبي آهي. بعد ۾ پهرين ساڄي پير ۽ پوءِ کاٻي پير تي ميندي لاتي ويندي آهي. گهوٽ کي ميندي گهڻو ڪري سندس ڀينرون ۽ ٻيون سهاڳڻيون لائينديون آهن. مينديءَ واري رسم دوران عورتون ميندي جا ڳيچ بہ چون. موجودہ دور ۾ سنڌ جي شهرن ۾، ڪنوار کي پارلر مان ميندي لڳرائڻ جو رواج عام آهي. موڙ ٻَڌڻ: گهوٽ کي موڙ ٻڌڻ واري رسم ڄڃ جي ڪنوار ڏانهن روانگيءَ کان اڳ ڪئي ويندي آهي. گهوٽ کي تيار ڪري گهر جي اڱڻ ۾ کٽ تي ويهاربو آهي. موڙ ٻڌڻ کان اڳ گهوٽ کي پٽڪو پارائبو آهي. پٽڪي جو پهريون ور گهوٽ جو پيءُ ڏيندو، ان کان پوءِ ويجها مائٽ ۽ دوست، پٽڪي کي ور ڏيندا آهن، جڏهن تہ ڪنوار کي اکيو ٻڌبو آهي. موڙ گهڻو ڪري ڪچ ڪوڏين، موتين ۽ مُقيس سان سينگاريل ۽ ڀريل هوندا آهن. موڙن جي مھل کي ‘ڏِک جي مھل’ بہ چون. گهوٽ کي موڙ ٻڌڻ وقت گهور گهورڻ سان گڏوگڏ سهرا ۽ گيت بہ ڳايا ويندا آهن. نڪاح: مسلمانن ۾ نڪاح پڙهائيندڙ مولوي يا رجسٽرڊ نڪاح خوان هڪ سرڪاري فارم گهوٽيتن ۽ ڪنواريتن کان ڀرائيندا آهن، جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار جا نالا، حق مهر، وڪيل ۽ شاهدن وغيرہ جا نالا شامل ڪيا ويندا آهن. گهوٽ جا شاهد ڪنوار وٽ وڃي رضامندي وٺندا آهن جڏهن تہ ڪنوار جا شاهد گهوٽ کان رضامندي وٺي نڪاح وجهرائيندا آهن. نڪاح مولوي پڙهي دعا گهرندو آهي. اهڙيءَ ريت گهوٽ ڪنوار جي شادي قانوني شڪل وٺندي آهي. نڪاح وقت گهوٽ جي پيءُ ڀاءُ ۽ ڪنوار جي پيءُ ڀاءُ جو هجڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. پوءِ دعا ختم ڪري سڀئي مرد گهوٽ ۽ گهوٽ جي مائٽن کي مبارڪون ڏيندا آهن. نڪاح ۾ اڪثر کارڪون، پتاشا يا لڏون وغيرہ ورهايا وڃن ٿا. سرگس: نڪاح کانپوءِ گهوٽ کي تيار ڪري سرگس لاءِ آندو ويندو آهي. سرگس ۾ گهوٽ جي گاڏيءَ، ڪار، گهوڙي يا ڪنهن بہ سواريءَ اڳيان گهوٽ جا دوست جهمر هڻندا آهن. مڱڻهار دُهل شرنايون وڄائيندا رهندا آهن. گهوٽ مٿان گهور (پئسا) ڪئي ويندي آهي. ان کانپوءِ گهوٽ ٻہ رڪعتون نفل پڙهندو آهي، ۽ پوءِ هو ڪنوار جي گهر ايندو آهي. ڏانوڻ ڏائڻ: گهوٽ جڏهن سرگس ڪري ڪنوار جي گهر ايندو آهي تہ ڪنوار جي ڀيڻ يا ڪا ويجهي مائٽياڻي گهوٽ کي ڏانوڻ وجهندي آهي. ڏانوڻ اڪثر ڳاڙهي ڌاڳي مان ٺاهيو ويندو آهي. اهو ڌاڳو ڪنوار جي ڀيڻ گهوٽ جي چيچ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪندي آهي. ڌاڳو چيچ ۾ پوڻ بعد ئي گهوٽ اندر داخل ٿيندو آهي. تر مئڻ يا چانور مئڻ: لانئن کانپوءِ تر مئڻ جي رسم ڪئي ويندي آهي، پر گهڻو ڪري چانور استعمال ڪيا ويندا آهن. گهوٽ ٻڪ چانورن جو ڀري ڪنوار جي ٻڪ ۾ لاهيندو آهي ۽ ڪنوار وري ٻڪ چانورن جو ڀري گهوٽ جي ٻُڪ ۾ ڏيندي آهي، ائين ڇھہ ست دفعا ڪندا آهن. ان کانپوءِ گهوٽ پنھنجي رومال سان ڪنوار جا هٿ اُگهندو آهي. کير ۾ مُنڊي ڳولڻ جي رسم: لائون ڏيڻ کانپوءِ کير آندو ويندو آهي، جنهن ۾ ڪنوار ۽ گهوٽ جون منڊيون ۽ ٻيون ڪجهہ منڊيون وڌيون وينديون آهن. پوءِ ڪنوار ۽ گهوٽ پنھنجي پنھنجي منڊي ڳوليندا آهن، جنهن پهرين پنھنجي منڊي ڳولي اهو کٽي ويندو آهي. ان کانپوءِ کير مان گهوٽ آڱريون ٻوڙي ڪنوار کي ڇنڊا هڻندو آهي ۽ پوءِ ڪنوار گهوٽ کي ڇنڊا هڻندي آهي. اهو عمل ٽي دفعا ڪيو ويندو آهي. ڦل چونڊڻ: ڦل چونڊڻ ۾ ڪنوار جي ڀرسان ويٺل عورت ڪنوار جي مٿي تي ڪپھہ رکندي ويندي آهي ۽ گهوٽ اها ڪپھہ چونڊيندو ويندو آهي. وڃڻي جو ساٺ: وڃڻو گهوٽ جي اجرڪ جي ڪُنڊ ۾ ويڙهي ڪنوار جي گوڏن تي، ڪُلهن تي، نرڙ تي ۽ مٿي تي لڳايو ويندو آهي. اهو ساٺ ٽي دفعا ڪيو ويندو آهي. وري وڃڻو ڪنوار جي رئي جي پلاند ۾ ويڙهي گهوٽ جي گوڏن، ڪلهن ۽ مٿي تي ساڳئي نموني لڳايو ويندو آهي. ان کانپوءِ اهو پکو (وڃڻو) ڪنوار کان جهلرائي گهوٽ کي هوا لڳرائي ويندي آهي ۽ وري وڃڻو گهوٽ جي هٿن ۾ ڏئي ڪنوار کي هوا لڳرائي ويندي آهي. ان رسم کي ‘وڃڻي جو ساٺ’ چيو ويندو آهي. مُٺ کولائڻي: ڪنوار جي مُٺ ۾ کنڊ مصري يا هڪ کارڪ ڏئي مُٺ بند ڪرائي ويندي آهي، پوءِ گهوٽ اها مُٺ هڪ هٿ سان زور ڏئي کوليندو آهي. ڪڏهن مٺ کولي ويندو آهي ۽ جي مُٺ نہ کلندس، تہ هار مڃيندو آهي، ۽ ڪنوار کي ڪا سوکڙي ڏيڻ جو عھد ڪندو آهي ۽ ڪنوار مُٺ کوليندي آهي بوٽ لڪائڻ: بوٽ لڪائڻ جي رسم ڪنوار جي ڀيڻ ڪندي آهي، پر جي ڀيڻ نہ هوندي آهي تہ پوءِ اها رسم ڪنوار جي ڪا ويجهي مائٽياڻي ڪندي آهي. اها رسم ان وقت ڪئي ويندي آهي، جڏهن گهوٽ سيج تان اُٿندو آهي ۽ سالي بوٽ تيستائين نہ ڏيندي آهي، جيستائين گهوٽ پئسا نہ ڏيندو آهي. پئسا بہ سالي پنھنجي مرضيءَ مطابق وٺي، پوءِ بوٽ ڏيندي آهي.پر گهڻو ڪري گهوٽ جو بوٽ اهينر هٿيڪو رکندو آهي. جنهن ڏينهن ڪنوار کي وناھہ ۾ ويهاربو آهي ان ئي ڌينهن گهوٽ کي ڳانو ٻڌي ڪو ويجهو عزيز آهينر/آنر ٿيندو آهي، سنڌي ۾ پهاڪو آهي تہ”گهوٽ جي ماءُ کان آنر جي ماءُ تڪڙي! لانئون: سنڌي رسمن موجب جيستائين لانئون نہ ٿينديون، شادي مڪمل نہ ٿيندي آهي. گهوٽ کي آڻڻ مھل کيس ڀينرون پلاند ڏئي سيج تي وٺي اينديون آهن. سيج ڪنواريتن طرفان تيار ڪئي ويندي آهي. اڪثر سيج ڳاڙهي رنگ جي تيار ڪئي ويندي آهي پوءِ سيج وڇائي وچ ۾ وهاڻو رکيو ويندو آهي. وهاڻي جي هڪ طرف ڪنوار ۽ ٻئي طرف گهوٽ کي ويهاريو ويندو آهي، پوءِ وچ تي چانورن جو ٿالھہ ڀري رکيو ويندو آهي، ڪن قبيلن وچ ۾ آئينو بہ رکبو آهي. لانئون ڏيڻ مھل جيڪو لانئون ڏيندو، اهو پهرين پئسا چانورن ۾ وجهندو، پوءِ لانئون ڏيندو. لانئن سان گڏ عورتون گيت بہ ڳائينديون رهنديون آهن. ڳنڍ کولڻ (ڇوڙڻ): ڪنوار جي رئي جو پلاند گهوٽ جي اجرڪ جي پلاند سان ٻڌو ويندو آهي. پوءِ گهوٽ ان ڳنڍ کي چيچ ۽ آڱوٺي سان کوليندو آهي. ان رسم کي ڳنڍ کولڻ (ڇوڙڻ) چيو ويندو آهي. نکيٽي: نڪاح پوڻ کانپوءِ گهوٽ ڪنواريتي گهر ۾ ترسي پيو تہ رسم موجب گهوٽ جي ڀيڻ يا ماءُ، گهوٽ جي لونگيءَ/ اجرڪ جو پلاند ڪنوار جي چنيءَ جي پلاند سان ڳنڍي ڪنوار کي پيڪين گهران نکڙائي گهوٽ سان گڏ پنھنجي گهر وٺي ويندي آهي. هن رسم جو ذڪر شاھہ لطيف هن ريت ڪيو آهي: ‘پرڻائي پنھون کي، نکيٽيءَ نکڙايو’ سنڌ ۾ ڪٿي وري گهوٽ جي گهر پهچي رات جو نکيٽيءَ جي رسم ڪئي ويندي آهي. جنهن ۾ اهي سڀ سنؤڻ ساٺ ڪيا ويندا آهن، جيڪي لانئون لھڻ دوران ڪيا ويندا آهن. نکيٽيءَ کان اڳ ڪنوار کي پاڙي ۾ ڪنهن ويجهي عزيز جي گهر لاڙي ويندا. نکيٽيءَ جي رسم ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي پلئہ ڏنو ويندو آهي. گهوٽ کي سندس ڀيڻ ۽ ڪنوار کي ڪا ويجهي مائٽياڻي يا جنهن جي گهر ڪنوار آندي ويندي، ان گهر جي ڌياڻي پلئہ ڏيندي آهي. نکيٽيءَ جي رسم ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار کي ان مائٽ جي گهر ۾ پنج لانئون ۽ پنج سُڳڻ ڪرڻ بعد ساهرن جي گهر وٺي اچن. سنڌ ۾ نکيٽيءَ جي رسم ڪٿي ڪنوار جي تہ ڪٿي وري گهوٽ جي گهر ۾ ڪئي وڃي ٿي. ڪُٽي کارائڻ: ڳوٺاڻين شادين ۾ گهوٽ جڏهن ڇني ۾ وڃي وڏن کي پيرين پئي واپس ڪنوار جي گهر ايندو آهي تہ ڪنوار جي ماءُ ڪُٽي کڻي ايندي آهي، جيڪا گهوٽ ڪنوار ۽ انهن سان گڏ ست سهاڳڻيون بہ سنؤڻ ڪنديون آهن. ڪُٽيءَ جو پهريون گرھہ ڪنوار ۽ گهوٽ هڪ ٻئي کي کارائيندا آهن. سنڌ جي هندن جي شادين جون رسمون ڪجهہ مختلف آهن. مُنهن ڏسڻ: منهن ڏسڻ لاءِ آئينو آندو ويندو آهي، جيڪو ڪنوار ۽ گهوٽ جي وچ ۾ رکيو ويندو آهي. مٿان رئو وڌو ويندو آهي. منهن ڏسڻ لاءِ ڪنوار جو گهونگهٽ ٿورو مٿي ڪيو ويندو آهي. پوءِ گهوٽ ڪنوار جو منهن ڏسندو آهي. پر اتر جي ڳوٺن ۾ وري منهن ڏسڻ لاءِ ڪنوار گهوٽ کي ڪمري ۾ موڪليو ويندو آهي، اُتي گهوٽ ڪنوار جي رئي تي ٻہ رڪعتون نماز پڙهندو آهي، ان کانپوءِ هو ٻاهر اچي پنھنجي وڏين جي پيرين پوندو آهي ۽ وري ٻاهر ڇني ۾ وڃي اُتي بہ وڏن کي پيرين پوندو آهي. ستاوڙو: شاديءَ کانپوءِ هڪ رسم. ستاوڙو لفظ جي معنيٰ آهي ‘شاديءَ جي ستين ڏينهن ڪنوار جو پهريون ڀيرو پيڪن جي گهر وڃڻ جي رسم’. شاديءَ کان ستين ڏينهن پوءِ ڪنوار، ميٽ ۽ تيل سان وهنجي نئون وڳو پائيندي آهي. ستاوڙي تي گهوٽ پنھنجي ڪنوار کي سندس پيءُ ماءُ جي گهر وٺي ويندو آهي. ان موقعي تي دعوت ڪئي ويندي آهي، جتي ڪنوار جا سڀ مٽ مائٽ اچي گڏ ٿيندا آهن، ۽ ڪنوار سان ملاقات سان گڏوگڏ کل ڀوڳ ۽ خوشيءَ جا لمحا ونڊيندا آهن. سنڌ جي هندن ۾ شاديءَ جون رسمون لڳ ڀڳ ساڳيون هونديون آهن. البت نڪاح جي بدران هندن ۾ ڦيرا ٿيندا آهن. باقي سمورين رسمن جي ادا ڪرڻ ۾ سنڌ ۾ رهندڙ هندو ڌرم جي سمورين ذاتين جا پنهنجا طريقا هوندا آهن. مڱڻي کان وٺي شاديءَ جي تاريخون مائٽ ۽ عزيز طئي ڪندا آهن. ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو ان ۾ عمل دخل ۽ مرضي شامل نہ هوندي آهي. عورت جي هڪ دفعو شادي ٿئي. جيڪڏهن عورت جي وفات يا اپاهج ٿيڻ جي صورت ۾ مرد ٻي شادي بہ ڪندو آهي. هندن ۾ بدي جو رواج بہ آهي. پنهنجائيءَ ۾ بنا بَدي جي بہ سڱ ڪن. گهر ۾ زالن جي گيت جي گونجار پئي پوندي آهي. شاديءَ کان ست ڏينهن روزانو رات جو گيتڪار عورتون شاديءَ واري گهر گڏ ٿي گيت ڳائينديون آهن. شاديءَ ۾ کارڪون جام ورهائين. هندن ۾ برهمڻ، مهيشوري، لوهاڻا، سوٽهڙ، سونارا ۽ ٻيا هندو پنهنجيءَ نُک، گوتر ۽ مٽي مائٽيءَ مان شادي ڪونه ڪن. انهن جو بدي جو رواج آهي. تنهنڪري ننڍپڻ جون شاديون گهڻيون ٿين. ڪي ست ڦيرا کائين، پر سنڌ جا هندو چار ڦيرا کائين. سڀني هندن ۾ شاديءَ جي تياري، مهارات، پارڻيت، ڄڃ ۽ ٻيون رسمون ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان هڪجهڙيون آهن. شاديءَ جي رخصتي ڪنواريتن جي گهر ۾ ٿيندي آهي. گهوٽ، ڪنوار پرڻجي ساهراڻي گهر کان ڄڃ واپس وٺي پنھنجي گهر ايندو آهي ته، گيتڪار عورتون ڇوڪريءَ لاءِ ‘ڏورو’ ڳائينديون آهن، جيڪو هڪ وڇوڙي وارو دل گهائيندڙ گيت آهي. پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر ”هٿين گل ميندي“ جي ٿنوان سان شااديءَ جون سموريون رسمون رڪارڊ ڪيون، جيڪو ثقافت جو اهم خزانو آهي.شاديءَ جي هر موقعي لاءِ الڳ الڳ ڳيچ چيا ويندا آهن جيڪي پڻ شاهوڪار سنڌي ثقافت جا گواھہ آهن.