اکيو

اکيو: شاديءَ جي هڪ رسم ۾ اکين تي ٻڌڻ جو هڪ خوبصورت نقاب. شاديءَ کان اڳ ڪنوار ونواهه، وناهه يا وَنَههَ ۾ ويهندي آهي. ڏينهن جو تعداد ڪن هنڌن تي ست مقرر آهي، ڪن هنڌن پنج ۽ مجبوريءَ جي حالت ۾ ڪنوار ٽي يا چار ڏينهن به ونواهه ۾ ويهندي آهي.
ونواهه ۾ ويٺل ڪنوار کي ٻي ٽڪساٺ سان گڏ منهن تي اکيو ٻڌڻ ضروري هوندو آهي. انهيءَ جو مقصد اهو آهي ته شاديءَ کان اڳ ڪو به مرد ماڻهو توڙي ڌاري عورت اکيو ٻڌل ڪنوار جو منهن نه ڏسي سگهي.
اکيو ڳاڙهي حلواڻ جي ڪپڙي مان ٺهندو آهي. ڪن هنڌن اکيو سادي ڳاڙهي ڪپڙي جي ٽڪر مان ٺهي، ته ڪن هنڌن اکيو زريءَ سان ڀرت ڀريل ٺاهين. لاڙ ۾ ان کي ’وناهه‘ به چون ٿا.


لفظ اکيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو