باکڙا

باکڙا: لس ٻيلي جي هڪ ذات، جيڪي ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جي ’ٻُرن‘ جا ڀائر آهن. انهن مان ”وٽ باکڙو“ مشهور شاعر ٿيو.
هي اصل ۾ ’بزنجي ‘ ذات جي نسل مان آهن. براهم بزنجي جي اولاد مان باکڙو ٿيو، جيڪو پنهنجو علائقو ڇڏي آخر ۾ اچي تيل بِڪَڪ جي پاڙي ۾ رهيو ۽ شادي به بڪڪ راڄ مان ڪيائين. کيس چار پٽ ٿيا: ’علي‘، ’زنگي‘، ’مَهُوندُ‘ ۽ ’سحاق‘. جن مان چار پاڙا ’علي پوٽا‘، ’زنگي پوٽا‘، ’مَهُوند پوٽا‘ ۽ ’سحاق پوٽا‘ ٿيا. باکڙي کي هڪ ڌيءُ ٿي، جيڪا موٽئي جي گهر ۾ آئي، جنهن مان ’موٽيو‘ قبيلو ٿيو، جن ۾ ’ڪيڪُو پوٽا‘ شامل آهن. ڪجهه وقت باکڙا، چنا ذات جي راڄ سان ڀيڙا رهيا، پر صاحب نالي ٻُري کين ڪنهن خون جي عيوض ۾ امداد ڏني ۽ ان وقت کان وٺي باکڙا ٻرنُ جي راڄ سان شامل ٿيا. سندن خاص ماڳ مڪان سون مياڻي علائقي ۾ تارا ڊگهه، مٺڙي ۽ پٻوڻي آهن. ’علي پوٽا‘ سندن وڏيرا آهن. شاعر، وٽ باکڙو ’سحاق پوٽن‘ مان هو.


لفظ باکڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو