ٻوڙي

ٻوڙي: ھڪ قسم جو ننڍڙو موسمي پکي، جيڪو ڪتيءَ جي فصل پچڻ وقت ايندو آھي ۽ سنگن تي ويھي داڻا چڳندو آھي، ھي اھڙو نرڄو پکي آھي جو ھاري گھڻي ئي هڪلون ڪندو، کانڀاڻيءَ جا ٺڪاءَ ڪندو ته به نه اٿندو، جڏھن کانڀاڻيءَ جو ڳوڙھو اچي ڀر ۾ پوندس تڏھن اڏري ويندو .


لفظ ٻوڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو