پلاند

پلاند: ڪپڙي/پوتيءَ جي ڪناري، پلؤ يا دامن کي چئبو آهي. پلاند لفظ سنڌيءَ ۾ اصطلاحاً استعمال ڪيو ويندو آهي. جيئن: پلاند آجا ڪرڻ يعني ڇوٽڪارو، نجات حاصل ڪرڻ يا جان ڇڏائڻ. پلاند اٽڪائڻ رستو رکڻ ٽوڙي هٿ اٽڪائڻ ۽ جهيڙو ڪرڻ جي معنيٰ ۾ اچي ٿو. پلاند ٻڌڻ شاديءَ جي رسم موجب گهوٽ ۽ ڪنوار جا پلاند ٻڌبا آهن. اهڙيءَ طرح پلاند وٺڻ، بدلي وٺڻ ۽ پلاند وجهڻ وري جهولي جهلڻ ۽ منٿ آزي ڪرڻ لاءِ ڪتب اچي ٿو. اڪثر عورتون خدا کان مدد گهرڻ لاءِ دعا طور پوتيءَ جو پلاند کڻي دعا گهرنديون آهن، اهڙيءَ طرح ڪنهن ظلم ٿيڻ تي ساڳيو پلاند کڻي پٽ ۽ پاراتو به ڏنو ويندو آهي. پلاند کي ’پلئُه‘ به چئبو آهي جيڪو پڻ تقريباً ساڳين لغوي توڙي اصطلاحي معنائن ۾ استعمال ٿيندو آهي.


لفظ پلاندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو