سيج

سيج

سيج

سيج: سيج کي سنڌي ثقافت ۾ هڪ اهم حيثيت حاصل آهي. شاديءَ وهانءَ جي موقعي تي جتي ڏاج جي ٻين شين کي ترجيح ڏني ويندي آهي، اتي سيج کي به خاص اهميت ڏني وڃي ٿي. گهوٽ ڪنوار کي سيج تي ويهاري لانئن جي رسم ادا ڪئي ويندي آهي، سيج سجائڻ يا ٺاهڻ وقت ڳوٺن ۾ اوڙي پاڙي جون عورتون سڏائي وس ۽ پهچ آهر پتاشا، مٺايون توڙي ٻيون شيون ورهائي ڳيچ ۽ سهرا ڳايا ويندا آهن. گهور پڻ گهوري ويندي آهي. سيج جو ذڪر ڪيترن ئي لوڪ گيتن ۾ پڻ ملي ٿو. اندر وڇايان سيج سرهي ٻاهر وڇايان ڳاڙهي کٽ. ماڙيءَ تي مرڪي آءُ تون دل جا بند، ان کان سواءِ شاهه لطيف، سيج جو ذڪر هنن سٽن ڪيو آهي: اڱڻ تازي ٻاهر ڪُنڍيون، پکا پٽ سونهن، سرهي سيج، پاسي پرين، مر پيا مينهن وسن، اسان ۽ پرين، هون برابر ڏينهڙا. ان کانسواءِ عاشوري جي ڏينهن ۾ مختلف پڙن تي امام حسين عليه السلام جن جي فرزند شهزادي قاسم جي ڪربلا ۾ ٿيل شادي ۽ شهادت کي عقيدت طور ڀيٽا ڏيندي ’سيج‘ سجائي ويندي آهي.


لفظ سيجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو