آنگاس يا علم يا پرچم يا جنڊو

آنگاس يا علم يا پرچم يا جنڊو

آنگاس

آنگاسُ/انگاس: وڏي جهنڊي يا عَلَم کي آنگاس يا انگاس چئبو آهي. اڳئين دور ۾ ڪنھن سردار جي شامياني يا رهائشگاهه جي اڳيان لڳل جهنڊي (جيڪو اڳواڻ جي شھر ۾ موجودگيءَ جو اهڃاڻ هوندو هو.) کي انگاس چئبو هو ۽ هاڻي امام بارگاهه جي اڳيان، يا ڪنھن پِڙَ ۾ نشانيءَ طور لڳل جهنڊي کي آنگاس سڏبو آهي. سنڌ ۾ عام طرح اهل تشيع جي امام بارگاهن جي اڳيان وڏو جهنڊو لڳل هوندو آهي، جنھن کي ”آنگاس“ چوندا آهن. شيعن جي چوڻ موجب اهو نشان حضرت عباس علمدار ابن حضرت علي السلام جو آهي. سنڌ ۾ آنگاس جو رواج آڳاٽو آهي. پڙن (امام بارگاهن) جي اڳيان وڏا وڏا آنگاس لڳل هوندا آهن. پِڙن ۾ عام طرح نغارن جون گهٽ ۾ گهٽ ٻه جوڙيون رکيل هونديون آهن. ذوالحج واري عيد ڏهاڙي ٽپھريءَ جي نماز کان پوءِ هر امام بارگاهه ۾ نقارن جو واڄو ٿيندو آهي، ان واڄي کان پوءِ شيعا محرم الحرام جون تياريون شروع ڪري ڏيندا آهن. اهو ڄڻ محرم مھيني جو اعلان آهي. ان کان پوءِ مؤمن آنگاسن لاهڻ جي تياري ڪندا آهن ۽ پھرين محرم کان اڳ علم تي رنگ روپ ڪري علم چاڙهيندا آهن. پوءِ محرم جا پھريان ڏهه ئي ڏينھن روزانو شام جو نغارن جو واڄو ٿيندو آهي، سيجن ۽ ذوالجناح سان گڏ قافلا نڪرندا آهن. سيج جي رات ڏهين محرم جي ڏينھن ٽپھريءَ جي وقت تائين عزاداري ٿيندي آهي، ماتم ٿيندو آهي، مؤمن سينا ڪوبي ڪندا، زنجيرون هڻندا آهن. سج لٿي کان پوءِ شامِ غريبان جي مجلس ٿيندي آهي. ان کان علاوه شيعا آنگاس کي ڇھي عقيدت جو اظھار ڪندا آهن. آنگاس تي هار گُل ٽنگيندا ۽ اگربتيون ٻاريندا آهن. آنگاس ۾ لڳل ڪپڙي کي ”بيرڪ“ چوندا آهن، آنگاس لھڻ کان پوءِ عقيدتمند ان ڪپڙي جا ٽڪر تبرڪ طور کڻي ويندا آهن. سنڌ ۾ هن وقت قديم ترين علم پاڪ ٻه آهن. هڪ قلندر شھباز جي روضي تي جيڪو ميان نور محمد خان ڪلهوڙي لڳرايو هو ۽ ٻيو ٽنڊي آغا جي قديم امام بارگاهه ”علي آباد“ ۾ لڳل آهي. سنڌ ۾ علم پاڪ جي رواج کي مير محمد نصير خان ٽالپور جعفري عام ڪيو. جنھن پنھنجي قائم ڪيل پڙ ”مير نصير جو پڙ“ واري هنڌ هڪ بُلند علم نصب ڪرايو. انگريزن جي حڪومت اچڻ کانپوءِ سندن حڪم تي حيدرآباد ميونسپالٽي مير نصير جو پڙ مسمار ڪري ان هنڌ هوم اسٽينڊ هال قائم ڪيو. علمن ۾ خوبصورتي لاءِ چونڪ مدنن ۽ ڊيلن جو رواج ٽنڊي آغا جي رهواسي ميرزا امام علي بيگ وڌو، جيڪو نقاشيءَ جي فن کان واقف هو.


لفظ آنگاسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو