تازي

تازي: هي اصطلاح اُنهيءَ جانور لاءِ ڪم ايندو آهي، جنهن کي شڪار جي تربيت ڏنل هجي. مثال طور، گهوڙو هجي ته ڀڄڻ ۾ تکو هجي، جيئن شڪار وارو جانور گوهيون ڏئي گهوڙي کان نڪري نه وڃي؛ جي ڪُتو هجي ته اُهو به ڀڄڻ جو ڇوهو هجي، جيڪو ڊوڙي جانور کي جهلي. تازي ڪتو ڊگهين ٽنگن سان، سنهو لاٺيارو ٿيندو آهي، شڪار لاءِ تربيت يافته گهوڙي ۽ ڪُتي کي ”تازي“ چوندا آهن. هاڻي اهڙن ڪتن ۽ گهوڙن جو نسل ئي جدا ٿي ويو آهي. شاهه لطيف به تازي گهوڙن کي ڳايو آهي: ”تازي طبيلن ۾، گهوڙا گهر گهڻا“


لفظ تازيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو