چاشني

چاشني: کنڊ ۾ رڌل مٺن چانورن کي چاشني چئبو آهي. هيءُ مِٺي ڀت جو هڪ نمونو آهي، جنهن ۾ سهڻائيءَ ۽ سواد لاءِ پستا ۽ بادام وغيره به وڌا ويندا آهن. چاشنيءَ ۾ اڇا چانور به رکبا آهن، پر گھڻو ڪري چاشنيءَ ۾ ڪيسر (زعفران) رنگ جا چانور وجھندا آهن. چاشني خاص طور ڪاڄن ۾ رڌبي آهي. اڪثر باس طور به چاشني رڌي وڃي ٿي. اڪثر ان کي زردو به چوندا آهن، ڇو ته ان ۾ زردو (پيلو رنگ) ڪيسر يا زعفران جي بدران وجهندا آهن.


لفظ چاشنيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو