پستا

پستا

پستا

پستا (Pistachio ):پستا هڪ قسم جو ميوو آهي، پستن جو اصل وطن شام ۽ فلسطين آهي، پر اَڄڪلهه آمريڪا ۽ يورپ جي ملڪن ۽ ايشيا جي ڪن ملڪن ۾ پستا پوکيا ويندا آهن. پستن جو وڻ 30 فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. گهڻو ڪري سسلي (اٽلياسپين، ڏکڻ فرانس، ترڪي، شام. فلسطين، ايران، افغانستان ۽ آمريڪا ۾ ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ گهڻو ڪري ڪوئيٽا ۽ قلات واري سرد علائقي ۽ پشاور ۾ پستن جي پوک ٿئي ٿي. عام طرح سان نر پستن جو ٻج پوکبو آهي، جيڪو پوءِ مادي ٻوٽن ۾ پيوند ڪبو آهي، پستن جو وڻ عام طرح پنجن ڇهن سالن کان پوءِ فصل ڏئي ٿو، مگر صحيح فصل ڏهن ٻارهن سالن کان پوءِ ڏيندو آهي. هي ميوو سائي رنگ جو هڪ ٻج آهي، جنهن تي آسماني ۽ ڳاڙهسرا ليڪا ٿين ٿا. ان جا داڻا چپٿرا ۽ گول هوندا آهن. حڪيمن موجب پستا طبي لحاظ کان جگر، دل ۽ دماغ کي طاقت ڏيندڙ آهن. رت کي وڌائين ٿا. خفقان ۽ کنگهه کي فائدو ڪن ٿا. وات کي خوشبودار ڪن ٿا. ڏندن ۽ مهارن کي مضبوط ڪن ٿا ۽ ذهن کي وڌائين ٿا.


لفظ پستاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو