پوٺي

پوٺِي: بار بردار ۽ لاڏُو وهٽ، اُٺ يا ڍَڳو، چڙهيءَ يا بار برداريءَ لاءِ سيکاريل يا وَهُو ڪيل هجي، ان کي پوٺِي چئبو آهي. جَڙو وهٽ ٽهڻو ٿيندو آهي ۽ پٺيءَ تي هٿ رکڻ نه ڏيندو آهي. ان کي هرن، ڍڳي گاڏيءَ يا اُٺ جي پاکڙي کان سواءِ، اَهنڊ پلاڻ ڏئي، هلائي يا مٿس چڙهي ڪري هيرائبو آهي. اهڙي وهٽ کي هٿ- هيرو، پوٺي يا پوٺيئڙو چوندا آهن.


لفظ پوٺيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو