آوي

آوِي: اُها جاءِ، جتي ڪنڀار مٽيءَ مان گهڙيل ٿانو پچائي. ان جاءِ کي ’نهائين‘ به چوندا آهن.
”نهائينءَ کان نينهن، سِکُ منهنجا سپرين“! (شاهه)
آويءَ ۾ ٿانون پچائڻ جي ترڪيب هيءَ آهي ته پهريائين سڄي آويءَ جي تر ۾ ڀاڻ جو تهه وڇائبو آهي. پوءِ ٿانوَ اهڙي ترڪيب سان رکبا آهن، جيئن هر ٿانءَ کي باهه جي ڄَرَ چڱي طرح پچائي. ان کان پوءِ سڄي آويءَ کي ٿاڦن ۽ ڪڻاهن سان ڍڪي، انهن جي مٿان وري به ڀاڻ جو هلڪو تهه ڏيئي، مٿان مٽيءَ جو هلڪو تهه وڇائي ڇڏبو آهي. سڄي آويءَ کي باهه يڻ بدران، فقط هڪ طرف، هوا واري پاسي کان هڪ فوٽ کن ڳڙک ڇڏبو آهي، جتان آويءَ کي باهه ڏيڻ لاءِ مُوئو ٻاري ڏبو آهي. آهستي آهستي سڄي آويءَ ۾ باهه پکڙجي ويندي آهي. آويءَ ۾ هنڌ هنڌ منگها (هوا جي لنگهه جا سوراخ) ڇڏبا آهن، جيڪي آويءَ جي تپش تي ضابطو رکڻ لاءِ هوندا آهن. انهن منگهن کي پڪل ٺڪرن سان ڍڪي رکندا آهن. ستن ڏينهن کان پوءِ کولبي آهي.


لفظ آويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو