پئٽرولاجي

پئٽرولاجي: پئٽرولاجي علم ارضيات جي هڪ شاخ آهي، جنهن جو واسطو جبلن جي نموني، خصوصيتن ۽ ان جي ڪيميائي ترڪيب سان آهي. هن علم ۾ آڳ اُڳرندڙ/ آتش فشان جبلن جي مطالعي کي خاص اهميت ڏنل آهي. پئٽرولاجيءَ جي هڪ ٻي شاخ آهي، جنهن کي پئٽروگرافي سڏجي ٿو، جنهن ۾ جبلن جي نهايت سنهن تراشيل حصن جو خوردبينيءَ سان مشاهدو ڪبو آهي. ان جي هڪ ٻي به شاخ آهي، جنهن کي پيٽروجينيسز چئجي ٿو. جنهن ۾ مختلف جبلن جي اصليت ۽ سندن تشڪيل جو مطالعو ڪيو وڃي ٿو. هن علم جي تحقيقي ٽيڪنيڪن کي استعمال ڪري ”چنڊ“ جي اصليت ۽ ان جي تشڪيلي تاريخ بابت قيمتي معلومات حاصل ڪئي وئي.


لفظ پئٽرولاجيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو