زئونرڪ

زئونرڪ

زئونرڪ

زئونرڪ: زئونرڪ ٻيڙيءَ جو هڪ قسم آهي. هن قسم جي ٻيڙي پنجاب جا مهاڻا شوق سان هلائيندا رهيا آهن، زئونرڪ ٻيڙيءَ جا مهرا وڌيل هوندا آهن. ان جي اڏي تي کوهو بيهاربو آهي. هن کي به ساڳيا لاڄو، تاليا، پوٺي ۽ رسا ٿيندا آهن. زئونرڪ پنجاب جي مهاڻن لاءِ ڪؤنتل ٻيڙيءَ جي برابر آهي. زئونرڪ تي پاتاري يا ورڙا ڪونه ٿين. ڪهل يا ڪيل قبيلي جا ماڻهو پنجاب جي ٻيڙين جا ملاح آهن. ڪهلن يا ڪيلن جو بنيادي علائقو ٿل ڪئنال ۽ سنڌو درياهه جي وچ وارو پاسو آهي. اهو علائقو ضلعي ميانواليءَ ۾ آهي.


لفظ زئونرڪھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو