تاليا

تاليا: هي ٻيڙيءَ جو حصو ٿئي ٿو. تاليو لفظ طالع يعني مٿي جهليندڙ مان نڪتل آهي. هي ٻيڙيءَ ۾ ڪم ايندڙ رسو آهي، جيڪو کوهي جي شيکلي کي پاسن کان مضبوط جهلڻ جي ڪم ايندو آهي. هي رسا شيکلي جي ٻنهي پاسن کان پيل هوندا آهن. تالين جا ڪجهه قسم هيٺ ڏجن ٿا:چوٽيءَ وارو تاليو: هي رسن جو تاليو، مورِ هيٺيان وجهندا آهن.ڀانڊاري تاليا: هي اصل ٻه رسا ٿيندا آهن، جن مان هڪڙو آڌير ۾ ۽ ٻيو ٻي اڌير ۾ لڳندو آهي. اڌير ڪاٺيءَ جي ڊگهي چَپَر کي چوندا آهن، جيڪا ٻيڙيءَ جي ٻنهي پاسن وارن تختن جي وچ ۾ لڳائي ويندي آهي.


لفظ تالياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


رسو - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاليا
رسو ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون