برهمڻ

برهمڻ

برهمڻ

برهمڻ: هندو ڌرم جي ذات پات واري نظام ۾ برهمڻ چئن طبقن (برهمڻ، کتري، وئش ۽ شوڌر) ۾ سڀ کان اتم سمجهيو وڃي ٿو. برهمڻ جو سماجي ڪم پوڄا پاٺ ڪرڻ ۽ ڪرائڻ آهي پر ضروري نه آهي ته هر برهمڻ پوڄاري به هجي. برهمڻن جي تشريح موجب هندو ڌرم ۾ برهمڻ سموري مخلوق کان اتم آهي، کيس سمورا اعليٰ سماجي رُتبا، حق ۽ رعايتون حاصل آهن. ’سپتا برهما‘ موجب ڀڳوان ٻن قسمن جا آهن. هڪڙا ڀڳوان ۽ ٻيا برهمڻ، جيڪي ويدن جو پاٺ ڪن ٿا. برهمڻن جو بنيادي ڪم ويد پڙهڻ ۽ پڙهائڻ، قربانيءَ جو رسمون ادا ڪرڻ يا مذهبي فريضا ادا ڪرائڻ ۾ مدد ڏيڻ آهي. پر اڄڪلهه اڪثر برهمڻ پراڻين ريتن کي نٿا مڃين ۽ عام سيڪيولر زندگي گذارين ٿا. منو مهاراج جي قانون موجب برهمڻ جي زندگي چئن مرحلن ۾ ورهايل آهي. (1) برهمچاري: جنهن ۾ هُو ويدن جو علم حاصل ڪري ٿو. زندگي عاجزي، عبادت ۽ تعبيداريءَ ۾ گذاري ٿو. (2) گِرهستي: جنهن ۾ شادي ڪري ٿو ۽ گهر ٻار سنڀالي ٿو ۽ پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏجي برهمڻ واريون ذميواريون پوريون ڪري ٿو. (3) وَن پرسٿا: جنهن ۾ هو جهنگ ۾ زندگي گذاري ٿو. يعني هو دنيا ۾ ماڻهوءَ طور پنهنجو ذميواريون ادا ڪري چڪو ۽ هاڻي رٽائر ٿي پاڻ کان ۽ زندگيءَ جي سکن کان انڪار ڪري سختيءَ سان رسمي ذميواريون پوريون ڪري ٿو. (4) سنياسي: سنياس ڌرم برهمڻ جي حياتيءَ جو آخري مقصد آهي، جنهن ۾ هو دنيا سان لڳ لاڳاپا نٿو رکي ۽ پرم آتما کي ويجهو ٿئي ٿو .
ويدن جي زماني کان پوءِ مذهبي قيادت ”برهمڻن“ جي هٿ ۾ آئي. هُنن ويدن جي سمجهاڻيءَ (شرح) ۾ پنهنجا ڪتاب لکيا، جن کي ”برهمڻا“ چيائون. انهن ڪتابن ۾ هڪڙي ئي ”گروهه“ يعني برهمڻن جي فوقيت کي برقرار رکڻ جي ڳالهه آهي، ان ڪري مذهبي روايتون ۽ عبادت جا طريقا اهڙا اختيار ڪيا ويا، جن مان صرف برهمڻن جي برتري برقرار ٿئي ٿي. برهمڻن انسان کي چئن جاتين ۾ ورهايل قرار ڏنو، برهمڻ، کتري، وئش ۽ شودر، جنهن ۾ شودرن کي انتهائي ڪريل درجو ڏنو ويو ۽ برهمڻ لاءِ چيو ويو ته اهي پرماتما جي مٿي مان پيدا ٿيل آهن. ننڍي کنڊ ۾ عورت کي ويدن واري زماني ۾ وڌيڪ آزادي هوندي هئي. هو مذهبي رسمون مردن سان گڏجي ادا ڪنديون هيون ۽ شادي وهانءَ جي موقعي تي آزاديءَ سان نچنديون ۽ لوڪ گيت چونديون هيون. لالا لجپتراءِ جو خيال آهي ته ويدڪ زماني ۾ عورتون فلاسافي ۽ مذهبي ڪتابن جو مطالعو ڪنديون هيون، ۽ رنڙ عورت جي ٻيهر شاديءَ تي ڪابه بندش ڪانه هئي، جا بعد ۾ برهمڻ سماج مڙهي ڇڏي. سماجي عالمن جو رايو آهي ته برهمڻيت بنيادي طور تي ڪو مذهبي نظريو نه آهي، بلڪه اهو آڳاٽي برهمڻ طبقي پاڻ پيدا ڪيو آهي. هنن جي ئي دور ۾ ”ستيءَ“ جي رسم جنم ورتو، جيڪا 500 ق. م کان 300 ق. م تائين پنهنجي اوج تي هئي، تان جو گوتم ٻڌ جي نظرئي اچي برهمڻ سماج جي فوقيت کي ڌڪ هنيو .


لفظ برهمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو