داخلا جي تاريخ 2014-06-12
داخلا نمبر 7450
عنوان پاڪستان
شاخ ملڪ
پڙهيو ويو 509 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊياسنڌيانا جلد ٽيون

پاڪستان

پاڪستان: پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ هند پاڪ ننڍي کنڊ جو هڪ ننڍڙو ملڪ آهي ، جيڪو 300 00 اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 700 00 اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهي . هي آباديءَ جي لحاظ کان اسلامي ملڪن ۾ وڏي آباديءَ وارن ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو . پاڪستان برصغير جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن طور 14 آگسٽ 1947ع تي وجود ۾ آيو . پاڪستان بابت موجوده معلومات: پورو نالو: اسلامي جمهوريه پاڪستانآبادي: 180 . 8 ملين ( 2009ع ۾ اقوام متحده جي انگن اکرن موجب ) گاديءَ جو هنڌ: اسلام آباد ايراضي:796096 چورس ڪلوميٽر آزاد ڪشمير: 83716 چورس ڪلوميٽرمُکيه ٻوليون: پنجابي ، سنڌي ، اردو ، پشتو ۽ بلوچي ( تفصيل اڳتي پڙهندا ) وڏو شهر: ڪراچي عمر جي وڌ ۾ وڌ شرح: مرد 66 سال ، عورت 67 سال مُکيه مذهب: اسلام سِڪو:1 پاڪستاني روپيو = 100 پئسا قومي گل: چنبيلي قومي وڻ: ديئُدار قومي پکي:چڪور قومي راند: هاڪيقومي لباس: شلوار قميص انٽرنيٽ ڊمئن:. Pk بين الاقوامي ڊائلنگ ڪوڊ: +92 گڏيل هندستان ۾ آزاديءَ جي تحريڪ دوران انگريزن جي سازش تحت هندن ۽ مسلمانن وچ‍۾ نفاق جو ٻج ڇٽي منجهن سياسي ، سماجي ۽ مذهبي اختلافن کي اڀاريو ويو . نتيجي ۾ آزاديءَ جي تحريڪ ۾ حصو وٺندڙن مان مسلمانن کي ڪي شڪايتون پيدا ٿيون ۽ انهن مسلم ليگ نالي جماعت جو بنياد وڌو ، جنهن جي پلئٽفارم تان هندستان جي مسلمانن ، مسلم اڪثريت وارن علائقن تي مشتمل ڌار ملڪ جو خيال پيش ڪيو . تڏهن مسلم ليگ ، قائداعظم محمد علي جناح جي رهنمائيءَ ۾ 1940ع ۾ لاهور واري اجلاس ۾ هي مطالبو هڪ قراردار ذريعي منظور ڪرايو . ان کانپوءِ 1946ع ۾ ليگ ڪنوينشن دهليءَ هن قرارداد جي وضاحت لاءِ هڪ تجويز منظور ڪئي . اهي ٻئي قراردادون ” مينار پاڪستان “ لاهور تي اڪريل آهن . جنهن جو متن هن ريت آهي . ( وڌيڪ ڏسو: تحريڪ پاڪستان ، جلد ٻيو ) پاڪستان جو ٺهراءُ/ قرارداد لاهور: ( انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ لاهور ۾ منظور ٿيل: 22 کان 24 مارچ 1940ع ) . آئيني مسئلي تي انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ ڪائونسل ۽ مجلس عامله جي هن پيش قدميءَ جي تائيد ۽ توثيق ڪندي ، جيڪا 27 آگسٽ ، 17- 18 سيپٽمبر ، 22 آڪٽوبر 1939ع ۽ 3 فيبروري 1940ع جي قراردادن مان واضح ٿئي ٿي . انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جو هي اجلاس پر زور طريقي سان اهو دهرائي ٿو ته ، اهو وفاقي منصوبو ، جنهن جو اظهار گورنمنيٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ۾ ڪيو ويو آهي . بلڪل غير موزون ، هن ملڪ جي خاص حالتن جي پيش نظر ناقابل عمل ۽ هندستان جي مسلمانن لاءِ مڪمل طور ناقابل قبول آهي . هن اجلاس جي اها حتمي راءِ آهي ته 18 آڪٽوبر 1939ع تي جيڪو اعلان وائسراءِ ، حڪومت جي طرفان ڪيو هو ، اهو ان حد تائين ته اطمينان بخش آهي ، جو جنهن ملڪ ۽ منصوبي تي گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1935ع ٻڌل آهي . ان تي هندستان جي مختلف جماعتن ، مفادن ۽ فرقن جي مشوري سان ٻيهر غور ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي ، پر هندستان جا مسلمان ان وقت تائين مطمئن نه ٿيندا ، جيستائين پوري آئيني منصوبي تي ٻيهر نئين سر غور نه ڪيو ويندو ۽ ڪو به نئون منصوبو انهن جي رضامندي ۽ منظوري سان مرتب نه ڪيو ويندو . طئي ٿيو ته انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ جي اجلاس جي هيءَ منظور شده راءِ آهي ، ته ڪو به آئيني منصوبو هن ملڪ ۾ قابل عمل ۽ مسلمانن لاءِ قابل قبول نه هوندو ، جيستائين اهو هيٺ ڄاڻايل بنيادي اصولن تي وضع نه ڪيو وندو ، يعني جاگرافيائي طور ويجهڙائي وارن علائقن جي حد بندي اهڙي خطي ۾ ڪئي وڃي ، جو جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت آهي ، مثلاً: هندستان جا اتر اولهندي ۽ اڀرندي وارا حصا . انهن جي تشڪيل اهڙي ته آزاد رياستن جي صورت ۾ ڪئي وڃي ، جو اهي خود مختيار ۽ مقتدر هجن . گڏوگڏ انهن ويجهڙائي وارن علائقن ۾ اقليتن جي مذهبي ، ثقافتي ، معاشي ، سياسي ، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ مؤثر تحفظ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان ڪيو وڃي ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ جتي مسلمان اقليت ۾ آهن ، انهن جي ٻين اقليتن جي مذهبي ، ثقافتي ، معاشي ، سياسي ، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ مفادن جو مناسب ۽ موثر تحفظ انهن جي مشوري سان آئين ۾ وضاحت سان شامل ڪيو وڃي . وڌيڪ هيءُ اجلاس مجلس عامله کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته اها انهن بنيادي اصولن مطابق آئين جو هڪ اهڙو منصوبو مرتب ڪري ، جنهن جي مدد سان ذڪر ڪيل علائقن کي پورا اختيار حاصل ٿي وڃن ، جيئن: دفاع ، پرڏيهي مامرا ، مواصلات ، محصولات ۽ ٻيا مامرا جيڪي ضروري سمجهيا وڃن . ان بعد 1946ع ۾ مسلم ليگ جي اجلاس ۾ ان ” قرارداد “ ۾ تبديلي آڻي ، ” آزاد ۽ خود مختيار رياستن “ جي جاءِ تي ” هڪ رياست ( State ) “ جو لفظ ڪم آندو ويو . 1946ع واري دهلي قرارداد: قرارداد پاڪستان جي وڌيڪ تشريح هن ليگ ڪنوينشن جي هڪ قرارداد ۾ مرڪزي ۽ صوبائي قانون ساز مجلس جي چونڊيل ميمبرن گڏيل راءِ سان ڪئي ، جيڪا قائداعظم جي صدارت ۾ 9 اپريل 1946ع تي دهليءَ ۾ منعقد ٿي ، جنهن ۾ ٻين مامرن مان صرف هي نڪتو واضح ڪيو ويو ته: ’هندستان جي اتر اڀرندي ۾ بنگال ۽ آسام ۽ اتر الهندي ۾ پنجاب ، صوبو سرحد ، سنڌ ۽ بلوچستان ، يعني مسلم اڪثريت وارا علائقا آهن ، اتي واحد ۽ خود مختيار مملڪت جي تشڪيل ڪئي وڃي ۽ ان امر جو واضح اعلان ڪيو وڃي ته پاڪستان جو قيام بنا دير عمل ۾ آندو وڃي . ان بعد پاڪستان جي حق ۾ سڀ کان پهرين اپريل 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ٺهراءُ پاس ڪيو هو . انگريز دؤر ختم ٿيڻ سان هندستان کي ٻن آزاد ملڪن: ڀارت ۽ پاڪستان ۾ ورهايو ويو . پاڪستان جي حصي ۾ برطانوي هند جا اتر الهندي وارا پرڳڻا آيا ، جن ۾ مسلمانن جي اڪثريت هئي ، جهڙوڪ: اولهندو پنجاب ، سنڌ ، بهاولپور رياست ، خيرپور رياست ، بلوچستان ۽ سرحد صوبو ( هاڻوڪو خيبر پختونخوا ) ۽ اُن جون رياستون آيون . اوڀر بنگال وارو حصو به پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو ، جيڪو ” مشرقي پاڪستان “ سڏيو ويو . پاڪستان جي اڀرندي حصي ۾ اوڀر بنگال ۽ سلهٽ جو ضلعو شامل ٿيا . ڄمون ۽ ڪشمير بابت ڪو فيصلو نه ڪيو ويو . ڪاٺياواڙ جي ڪجهه رياستن جهڙوڪ: جهوناڳڙهه ، ماناوادر ۽ مانگرول جو پاڪستان سان ظاهري الحاق ڪيو هو ، پر عملي طرح ٿي نه سگهيو . حيدرآباد دکن پاڪستان سان الحاق جو اعلان ڪيو هو ، پر اها رياست ڀارت سان ئي رهي . ايراضي ۽ حدون: ابتدا ۾ پاڪستان پنجن صوبن ۽ ڪجهه رياستن تي مشتمل هو ، پر 1954ع ۾ الهندي حصي جي سمورن صوبن ۽ رياستن کي ملائي ” وَن يونٽ “ ٺاهيو ويو ۽ ملڪ جو الهندو حصو ” مغربي يا اولهه پاڪستان “ سڏيو ويو ۽ بنگال کي ” مشرقي يا اوڀر پاڪستان “ سڏيو ويو . مغربي پاڪستان ۾ پنجاب ، سنڌ ، سرحد ، بلوچستان جي حدن ۾ ايندڙ رياستون شامل هيون . پاڪستان جي ٻنهي حصن جي وچ ۾ ڀارت جو هڪ هزار ميلن تي محيط ملڪ هو . اوڀر پاڪستان جي اتر ، اولهه توڙي اوڀر ۾ ڀارت ، ۽ ڏکڻ ۾ بنگال جو اپسمنڊ هو . اولهه پاڪستان جي حدن جي اتر اوڀر ۾ ڀارت آهي . ان وقت پاڪستان جي ڪل ايراضي 363529 چورس ميل هئي . اڳوڻي اوڀر پاڪستان جي 90 سيڪڙو زمين سنوت واري هئي ، جنهن کي ” گنگا واديءَ واري زمين “ چيو ويندو آهي . هن واديءَ ۾ ٽي مکيه درياهه آهن: گنگا ( پدما ) ، برهمپترا ( جمنا ) ۽ مينگهنا . ان جي ڏکڻ اوڀر ۾ چٽگام جون پهاڙيون آهن ، جيڪي آسام جي جبلن ۽ برما جي پهاڙن جون شاخون آهن . انهن پهاڙين جي لهواري حصي ۾ تمام گهڻي برسات پوندي آهي . هن علائقي جي مشهور ندي ’ڪرنافلي ‘ آهي . پاڪستان سان اوڀر بنگال جي شرڪت 24 سال رهي ، ان بعد پاڪ- ڀارت جنگ جي نتيجي ۾ 16 ڊسمبر 1971ع تي ” بنگلاديش “ جي نالي سان نئون ملڪ وجود ۾ آيو . هن ملڪ کي قديم تاريخي پسمنظر اڳ ئي هو . پاڪستان کان بنگلاديش جي ڌار ٿيڻ جا ڪيترائي سبب هئا ، جن ۾ پهريون وڏو سبب هڪ هزار ميلن جو فاصلو هو ، جنهنڪري ان علائقي جي سرحدن جي صحيح طرح سنڀال نه پئي ٿي سگهي . ٻيو سبب سياسي ادارن ۾ اڻبرابريءَ جو هو . اولهه پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو جاگيردار ۽ وڏا زميندار چونڊجي ٿي آيا ، جڏهن ته اوڀر پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو وچولي طبقي جا نمائندا اسيمبلين ۾ چونڊبا هئا . ان ڪري ڪنهن به معاملي تي منجهن هم آهنگي پيدا نه ٿي سگهي ، جنهن جو سڀ کان وڏو سبب ڀارتي مداخلت هو ، جنهن پاڪستان خلاف اوڀر پاڪستان ۾ ماحول پيدا ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو هو ( وڌيڪ ڏسو: بنگلاديش ، جلد پهريون ) . بهرحال هن وقت پاڪستان چئن صوبن: سنڌ ، پنجاب ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواه ( اڳوڻي سرحد ) تي مشتمل آهي . آزاد ڪشمير پاڪستان جي پاڙيسري رياست آهي ، جيڪا گذريل 63 سالن کان راءِ شماريءَ جي منتظر آهي . جڏهن ته 2009ع ۾ اترين علائقي گلگت کي صوبي جهڙي حيثيت ڏئي ، ’گلگت- بلتستان ‘ جو نالو ڏئي ، قمر الزمان ڪائرا کي اتان جو پهريون گورنر مقرر ڪري اتي چونڊون ڪرايون ويون ۽ ، جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي وڏي اڪثريت سان کٽي آئي ۽ ان پارٽي جي ئي چونڊيل اميدوار سيد مهدي شاهه کي گلگت- بلتستان جو پهريون وزيراعليٰ مقرر ڪيو ويو ۽ گـورنـر ڊاڪٽر شمع خالد جي وفات کان پوءِ فيبروري 2011ع ۾ پيــر ڪرم علي شاهه کي گلگت- بلتستان جو نئون گورنر مقرر ڪيو ويو آهي . ارضياتي طور پاڪستان کي هيٺين ٽن خطن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: جابلو علائقو: پاڪستان جي اتر ۽ اولهه ۾ جابلو علائقو آهي . هن ۾ اتر وارا جبل ، هماليه جون شاخون آهن ، جن جون قطارون ديوارن وانگر هڪٻئي پٺيان بيٺل آهن . انهن ۾ چترال ۽ مريءَ جا پهاڙ ، ڪاغان وادي ۽ قبائلي علائقن جا پهاڙ شامل آهن . انهن جبلن مان هماليه جبل جي سراسري اوچائي 20 هزار فوٽ آهن ، جنهنڪري اُن جون چوٽيون سدائين برف سان ڍڪيل رهنديون آهن ، گلگت جي ويجهو نانگاپربت جي چوٽي 26 هزار فوٽ اوچي آهي ، ۽ قراقرم جابلو قطار ۾ K-2 جي پهاڙي 28250 فوٽ اوچي آهي ، جتي وسيع برف موجود رهندي آهي . اتر- اولهه واريءَ سرحد تي هندوڪش جبل پکڙيل آهي ، جنهن جي چوٽي ( تيرچ مير ) 25353 فوٽ آهي . پهاڙي لڪن جهڙوڪ: بابُوسر ، دره خنجراب ۽ لواري وغيره به گهڻو ڪري برف سان ڍڪيل هوندا آهن ، گرمين ۾ برف ڳرڻ کان پوءِ ئي آمدرفت ٿيندي آهي . ميداني علائقو: پاڪستان جو تقريباً اوڀر وارو حصو ميداني آهي . ان کي سنڌو ماٿري چوندا آهن ، ڇوته سنڌو درياهه ۽ ان جون ڀرتي ڪندڙ شاخون: ڪابل ، جهلم ، ستلج ، راوي ، بياس ۽ چناب آهن . سنڌو درياهه وارو علائقو وسيع ميدان آهي ، جيڪو ڪشمير کان وٺي عربي سمنڊ تائين پکڙيل آهي ، اُن جا ٻه حصا آهن ؛ ( الف ) سنڌوءَ جو مٿيون حصو: هن حصي ۾ پنجاب ۽ بهاولپور جا علائقا شامل آهن . هتي جي زمين زرخيز آهي ، ڇو ته هتي نهرن جو ڄار وڇايل آهي . بهاولپور واري خطي ۾ ، اوڀر طرف جيڪو حصو خشڪ آهي ، ان کي ” چولستان “ چوندا آهن . ( ب ) سنڌوءَ جو هيٺاهون ميدان: هن حصي ۾ سنڌو درياهه جو پيٽ وڌيڪ ويڪرو آهي . اُن کان سواءِ برسات جي اڻاٺ سبب ڪجهه زمين ريگستان بنجي وئي ، انهيءَ کي آباد ڪرڻ لاءِ گڊو ، سکر ۽ ڪوٽڙيءَ وٽان بئراج ٺاهي ، ڪيتريون ئي شاخون ڪڍيون ويون آهن . مٿانهون پٽ: هن علائقي جا ٻه حصا آهن: ( الف ) پوٺوهار ، جهلم درياهه جي ڪناري سان ، ٻه هزار فوٽ اوچو جابلو لوڻ ( سينڌي لوڻ ) جو پهاڙي سلسلو الهندي طرف هليو وڃي ٿو ، جنهن ۾ هر هنڌ لوڻ جون ڇپون ملن ٿيون . اهو سڄو علائقو باراني آهي . ان ۾ گاسليٽ ، ڪوئلو ۽ ٻي معدنيات جا ذخيرا موجود آهن . ڪوهستان لوڻ ، جهلم نديءَ جي الهندي ڪناري سان لڳو لڳ ڏکڻ اولهه طرف سنڌو درياهه تائين پکڙيل آهي . ان سلسلي جي اوچائي لڳ ڀڳ ست سؤ ميٽر ٿيندي . ڪوهستان لوڻ ۽ اتر اولهه وارن جبلن وچ ۾ پوٺوهار جو مٿانهون پٽ آهي . ان ۾ اٽڪ ، راولپنڊي ( خاص ڪري ڪوهه مري ۽ ڪهوٽا جا علائقا ) ۽ جهلم ضلعو شامل آهن . ( ب ) سليمان جبل ۽ کيرٿر جبل جي الهندي ۾ بلوچستان نهايت مٿانهون علائقو آهي ، جنهن جي اوچائي 600 کان 900 ميٽر ٿيندي . هتي جي هوا نهايت خشڪ آهي ۽ برسات نه پوڻ ڪري سبب صوبي جي گهڻي ايراضي غيرآباد آهي . وچ ۾ لوڻ واري پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي ، اترئين حصي ۾ ڪروميم جا ذخيرا ملن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

باگڙ ديس
بحرين
اسرائيل
افغانستان
برطانيا
برما
انڊيا
انگلنڊ
اردن
ايران
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون