چنبيلي

چنبيلي

چنبيلي

چنبيلي (Jasmmine/Jasminum Officinale): چنبيلي مشهور خوشبودار ٻوٽو/ وَل آهي. هن کي عربيءَ ۾ ياسمين، زينبق، سنسڪرت ۾ چيٽاڪي جينشيٽا، بنگاليءَ ۾ چاملي، پنجابي ۾ چبا ۽ انگريزيءَ ۾ Jasmin چون ٿا. چنبيليءَ جا پن ننڍا ۽ ڊگها ٿيندا آهن، جن جي ٻنهي پاسي ڏندا ٿين ٿا. پنجن کان ساڍا ٻارهن سينٽي ميٽر ڊگها ٿيندا آهن. هي ٻوٽو سنڌ جي هـر بـاغ ۾ ٻـارهـن ئـي مهيـنا سرسبز رهي ٿو. سنڌ، پاڪستان کان سواءِ هماليا جبل جي 717 ميٽرن جي بلنديءَ تي به ٿئي ٿو. چنبيلي برصغير جي هر باغ ۾ پوکي ويندي آهي.


لفظ چنبيليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو