انٽرنيٽ

انٽرنيٽ

انٽرنيٽ

انٽرنيٽ: انٽرنيٽ (جنھن کي عام طور نيٽ سڏيو ويندو آھي) هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ڪمپيوٽر نيٽ ورڪن جو عالمي نظام آهي، جيڪو نيٽ ورڪ ۽ ڊوائيسز وچ ۾ رابطي لاءِ انٽرنيٽ پروٽوڪول سوٽ(TCP/IP) کي استعمال ڪري ٿو. ھِي نجي، عوامي، تعليمي، ڪاروباري۽ سرڪاري نيٽ ورڪن تي مشتمل آهي. انٽرنيٽ معلوماتي وسيلن ۽ خدمتن جو هڪ وسيع سلسلو رکي ٿو، جيئن پاڻ ۾ ڳنڍيل ڊجيٽل لکتي دستاويزن (inter-linked hypertext documents) ۽ ورلڊ وائڊ ويب (WWW) جون ايپليڪيشنون، اليڪٽرانڪ ميل، ٽيليفوني ۽ فائل شيئرنگ وغيره.
انٽرنيٽ جي شروعات 1960ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪا جي ڊپارٽمينٽ آف ڊفينس پاران ڪمپيوٽرن جي ڀاڱيداري کي فعال ڪرڻ لاءِ پيڪٽ سوئچنگ جي ترقيءَ سان ٿي. آمريڪا جي ھڪ اداري ARPA net (ائڊوانس ريسرچ پروجيڪٽس ايجنسي نيٽ)، شروعاتي طور تي 1960ع جي ڏهاڪي ۾ علائقائي تعليمي ۽ فوجي نيٽ ورڪن جي وچ ۾ رابطي لاءِ ڪم ڪيو، جنھن جو بنياد جي. سي. آرلڪليڊر (J. C. R. Licklider) وڌو. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ نيشنل سائنس فائونڊيشن نيٽ ورڪ کي نئين سر ٺاھڻ لاءِ مالي مدد ڪئي جيڪا ٽيڪنالاجي جي ترقيءَ ۾ سڄي دنيا جي ڀاڱيداري ۽ ڪيترن ئي نيٽ ورڪن جي ضم ٿيڻ جو سبب بڻي.انٽرنيٽ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ اڪيڊميا پاران وڏي پئماني تي استعمال ڪيو ويو، ڪمرشلائيزيشن، ان جي خدمتن ۽ ٽيڪنالاجي کي جديد زندگي جي لڳ ڀڳ هر پھلو ۾ شامل ڪيو. انٽرنيٽ پروٽوڪول (IP) ايڊريس ۽ ڊومين نيم سسٽم (DNS) کي انٽرنيٽ ڪارپوريشن فار اسائنڊ نيمس اينڊ نمبرز (ICANN) نالي ھڪ تنظيم سنڀالي ٿي. اھو سمجهڻ ضروري آھي ته انٽرنيٽ طبعي تارن (physical cables) جو ھڪ عالمي نيٽ ورڪ آھي، جنھن ۾ ٽامي جي ٽيليفون ڪيبل،ٽي.وي ڪيبل ۽ فائبر آپٽڪ ڪيبل شامل ٿي سگهن ٿيون. جيتوڻيڪ بِنا تارَ جي ڳانڍاپا (wireless connections) جھڙوڪ وائي فائي (WiFi) ۽3G/4Gپڻ انٽرنيٽ تائين رسائي حاصل ڪرڻ لاءِ انھن طبعي تارن تي ڀاڙن ٿا. جڏهن توهان ويب سائيٽ جو دورو ڪريو ٿا ته توهان جو ڪمپيوٽر انھن تارن ذريعي سرور ڏانھن درخواست موڪلي ٿو. ھڪڙو سرور آھي جتي ويب سائيٽون رکيل آھن، ۽ اھو توھان جي ڪمپيوٽر جي ھارڊ ڊرائيو وانگرڪم ڪري ٿو. هڪ دفعو درخواست اچي ٿي، سرور ويب سائيٽ کي ٻيھر حاصل ڪري ٿو ۽ صحيح ڊيٽا واپس توهان جي ڪمپيوٽر ڏانھن موڪلي ٿو. حيرت انگيز ڳالهه اها آهي ته اھو سڀ ڪجهه صرف چند سيڪنڊن ۾ ٿئي ٿو!
اڪثر روايتي ڪميونيڪيشن ميڊيا، جن ۾ ٽيليفون، ريڊيو، ٽيليويزن، پيپر ميل ۽ اخبارون شامل آهن، جن کي نئين سر ترتيب ڏنو ويو آهي. انٽرنيٽ،ڪميونيڪيشن ميڊيا ۾ نَوان لاڙا آندا، جھڙوڪ اي ميل، انٽرنيٽ ٽيليفون، انٽرنيٽ ٽيليويزن، آن لائين ميوزڪ، ڊجيٽل اخبارون، ۽ وڊيو اسٽريمنگ ويب سائيٽون، بلاگ وغيره. انٽرنيٽ،پيغامن جي تڪڙي رَسائِي (instant messaging)، انٽرنيٽ فورمز، ۽ سوشل نيٽ ورڪنگ سروسز ذريعي ذاتي رابطي جي نئين سرشتي کي فعال ۽ تيز ڪيو آهي. آن لائين خريداري وڏن ريزڪي وڪرو ڪندڙن، ننڍن ڪاروبارن، ۽ سيڙپڪارن لاءِ تيزي سان وڌي وئي آھي. انٽرنيٽ جي بھترين خاصيتن مان هڪ اها به آهي ته دنيا جي ھر ماڻهوءَ سان لڳ ڀڳ فوري طور تي گفتگو ڪرڻ جي صلاحيت به شامل آھي. اي ميل، انٽرنيٽ تي معلومات کي پھچائڻ ۽ حصيداري ڪرڻ لاءِ سڀ کان پراڻي ۽ سڀ کان وڌيڪ آفاقي طريقن مان هڪ آهي۽ اربين ماڻهو ان کي استعمال ڪن ٿا. سوشل ميڊيا ماڻهن کي مختلف طريقن سان ڳنڍي ٿي ۽ برادرِيءَ کي آن لائن ڪري ٿِي. ڪيتريون ئي ٻيون شيون آهن، جيڪي توهان انٽرنيٽ تي ڪري سگهو ٿا. خبرن سان دنيا کان باخبر رھڻ يا آن لائن ڪنھن به شيءِ جي خريداري ڪرڻ جا ھزارين طريقا آھن. توھان پنھنجا بل ادا ڪري سگهو ٿا، پنھنجي بئنڪ اڪائونٽس کي منظم ڪري سگهو ٿا، نون ماڻهن سان ملي سگهو ٿا، ٽي وي ڏسي سگهو ٿا، يا نيون صلاحيتون سکي سگهو ٿا.


لفظ انٽرنيٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو