خيبر

خيبر: خيبر جي وسندي، هڪ ’نخلستان‘ (کجين جي بستي) آهي، جيڪا سمنڊ جي مٿاڇري کان 2800 فوٽ اوچي، مدينه منوره کان 184 ڪلوميٽر اتر طرف خشڪيءَ رستي ايندڙ حاجين جي واٽ تي واقع آهي.
نبوي دور ۾ قافلا غابھ يعني احد جبل جي اولهه طرف کان گذرندا هئا، جڏهن ته هاڻي جديد هوائي اڏي (مطار) سان لڳو لڳ اوڀر طرف کان گذرن ٿا. هڪ سئو ڪلوميٽرن تائين هي رستو سوڙهو ۽ ور وڪڙ لڪن مان گذري ٿو، جنهن جي ٻنهي پاسي اوچا جبل آهن. هن سموري سفري واٽ جي مٽي ۽ پٿرباهه اڳرندڙ‘ جبلن جي آڳ ۾ سڙيل نظر ايندا. وڻڪار ۽ پاڻي اڻلڀ آهي، ايڪڙ ٻيڪڙ ڪٿي ڪي ٻڪريون چرندي ڏسبيون آهن، جيڪي بنهه بندريون ٿين، جن ۾ کير نه ٿئي، پر اُنهن جو گوشت کاڌو ويندو آهي. مديني کان خيبر تائين ٻه وسنديون موجود آهن، هڪ ’صلصال‘، جيڪا 128 ڪلوميٽرن تي واقع ۽ ڪافيءَ سرسبز آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته اڌ حصي جي کوهن جو پاڻي ڪؤڙو ۽ اڌ حصي جو مٺو آهي. ممڪن آهي ته هيءَ وستي ’فلڪ‘ هجي. ان کان اڳتي ٻي هڪ ننڍي ۽ ويران وسندي به آهي.
خيبر به هڪ آتش فشاني زميني ٽڪر آهي. مديني کان اچبو ته شهر جي پندرهن ويهن ڪلوميٽرن پنڌ تي اَڇيون ۽ پوکيءَ لائق غيرآباد زمينون نظر اينديون، جيڪي ڏهه ٻارهن ڪلو ميٽرن ۾ پکڙيل آهن. ان کان پوءِ سڙيل پٽ شروع ٿئي ٿو ۽ رستي جي ساڄي طرف قديم (يهودي) کنڊر ميلن ۾ پکڙيل آهن، جن ۾ ڪجهه سڪل تلائن جا بند نظر اچن ٿا. اونهاري ۾ پاڻي سُڪي وڃڻ کان پوءِ ته انهن جي تهه ۾ دڙڳ دڙڳ مٽي پري پري تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي. خيبر جي جنگ وقت رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم ايندي توڙي ويندي ’سد الصهباءِ‘ ۾ ترسيو هو. ان کان اڳتي هڪ هيٺاهين وسيع ماٿري آهي، جنهن ۾ شهر خيبر واقع آهي. خيبر ۾ ايترا ته نخلستان آهن، جو بلنديءَ تان شهر جا نشان به نظر نه ٿا اچن. نبوي عهد ۾ ڪتبيھ محلي ۾ کجيءَ جا 40 هزار وڻ هئا (ابن الاثير: البداية 2.2:4). اڄ به شهر جي ڏکڻ ۾ هڪ اوچي پهاڙ جي دامن ۾ ڪيترا ميل ڊگهو نخلستان موجود آهي.
خيبر ۾ عنيزه قبيلي جا عرب آباد آهن. کجين جي فصل لهڻ وقت سندن آبادي وڌي ويندي آهي. شهر ۾ ڪيترا اوچا ٽڪرَ ۽ ٽڪريون موجود آهن، جن مان سڀ کان بلند ’قصر مرحب‘ سڏبو آهي جيڪو اتي يهودي دور جو يادگار آهي. تُرڪ دور ۾ هتي فوجي ڇانوڻي هئي.
ڪجهه تاريخدانن لکيو آهي ته عبراني ٻوليءَ ۾ ’خيبر‘ جي معنيٰ ’قلعو‘ آهي. هن بستيءَ جو باني خيبر بن قاليھ بن مهلائيل چيو وڃي ٿو. خيبر جو سڀ کان آڳاٽو ذڪر بابل جي آخري ڪلداني بادشاهه نبو نعد [نبو نيد: 556 يا 539 ق. م] جي ميخي ڪتبي ۾ ملي ٿو. ان کان سواءِ هڪ ٻئي مليل ڪتبي ۾ به ان جو ذڪر آهي. ابن ڪتيبھ، ڪتاب المعارف (ص: 313) ۾ لکيو آهي ته غساني حاڪم الحارث بن ابي شمر جبلھ (528 کان 570ع) هتي حملو ڪيو هو. ان وقت هتي خبر ناهي ڪير رهندا هئا، پر رسول پاڪ صلعم جن جڏهن هتي آيا ته هيءَ يهودي بستي هئي، جيڪي ڏاڍا خوشحال هئا.
خيبر جو سڀ کان وڏو قلعو قموص آهي، جنهن کي حضرت علي عليه سلام فتح ڪيو هو، ان جي دامن ۾ مسجد نبوي آهي ۽ اتي نطاه ۽ الشق ٻه ماٿريون آهن. انهن جي وچ واري ايراضيءَ کي السبخة ۽ المخاضة چون ٿا، جيڪا مسجد نبويءَ تائين پکڙيل آهي، جتي خيبر ۾ رسول پاڪ صه قيام ڪيو هو. هتي اهو پهاڙ به آهي، جنهن کي هموار ڪري رسول پاڪ صه نماز پڙهندو هو. اڄ اتي عيد نمازون پڙهبيون آهن.
نطاه ۾ مرحب جو قلعو ۽ محل آهي، جيڪو زبير بن العوام کي مليو هو. الشق ۾ ’الحمة‘ نالي هڪ چشمو آهي، جنهن تي رسول اڪرم صلعم ’قسمة الملائکة‘ نالو رکيو هو. عهد نبويءَ کان وٺي اڄ تائين هي چشمو هڪ عجوبو شمار ٿئي ٿو. نطاه جو وڏو چشمو، ’چشمھ اللحيحة‘
حضرت عليعه سان منسوب آهي. ان کان اڳتي هڪ ٻيو چشمو به موجود آهي، ٻئي نخلستانن سان آباد آهن. خيبر شهر جي شهرت، تاريخ اسلام جي حوالي سان ’خيبر جنگ‘ (668ع) جي ڪري آهي.


لفظ خيبرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو