صوماليا

صوماليا

صوماليا

صوماليا (Democratic Republic of Somalia): هن ملڪ جو پراڻو اطالوي نالو صومالي لينڊ آهي. هي اتر اوڀر آفريقا ۾ آهي. هن جي پکيڙ 637357 چورس ڪلوميٽر (346201 چورس ميل) آهي، جڏهن ته آبادي 9359000 آهي. صوماليا جي آزاديءَ جو ڏينهن 26 جون 1960ع آهي. هن ملڪ کي گڏيل قومن جي اداري (U.N.O) جي ميمبرشپ 20 سيپٽمبر 1960ع تي ملي. هن جي گاديءَ جو هنڌ موگاديشو آهي. صوماليا جو ڪرنسي يونٽ صومالي شلنگ آهي. هتان جو سرڪاري مذهب اسلام آهي ۽ هتي 99 سيڪڙو مسلمان رهن ٿا. هن جي انتظامي ورهاست 18 ريجن (84 ضلعا) ۾ ٿيل آهي. صوماليا اوڀر آفريقا ۾ ان جاءِ تي آهي، جنهن کي قرن آفريقا (آفريقا جو سڱ) به چوندا آهن. صوماليا جي اتر کان ڏکڻ طرف ڊيگهه 1529 ڪلوميٽر (920 ميل) ۽ اوڀر کان اولهه طرف ويڪر 1175 ڪلوميٽر (730 ميل) آهي.طبعي لحاظ کان هي علائقو ٽن حصن ۾ ورهايل آهي: (1) الجوبان ليون: جيڪو سامونڊي ڪناري جي واريءَ وارن ڍيرن تي ٻڌل آهي. (2) اوگو: جيڪو جابلو علائقو ۽ (3) توگ: اها وادي آهي، جيڪا جبلن ۾ مٿانهين پٽ جي وچ ۾ آهي. اهو زرخيز علائقو آهي، جتي سڀ نديون اچي سمنڊ ۾ ڪرن ٿيون. صوماليا جي اترئين حصي تي ٽڪرين جي بلندي 915 ۽ 2135 ميٽرن جي وچ ۾ آهي. ملڪ جا ٻه وڏا درياهه جابا ۽ شبيلي ڏاکڻي مٿاهين پٽ مان نڪرن ٿا. عدن نار جي وادي واري ڪناري جي برابريءَ سان هڪڙو جابلو سلسلو آهي، جيڪو بلند ٿي حبشه جي مٿاهين پٽ سان وڃي ملندو آهي. سامونڊي ڪناري جي ڊيگهه 3025 ڪلو ميٽر (1880 ميل) آهي. صوماليا جي وڏن شهرن ۾ هرگيشا، ڪسمايو، مرڪا، بربرا، براوا، بوراما، اوبيا، علولا، بارديرا، لاس انود، گاردو ۽ زيلا آهن. هتان جو سڀ کان مٿاهون هنڌ شمبرس (بلندي 2416 ميٽر) آهي. هتان جي موسم گرم، گهميل ۽ خشڪ آهي. خط استوا ڏکڻ وارن علائقن مان گذرندو آهي. جولاءِ کان آڪٽوبر تائين برساتون پونديون آهن. صوماليا جي مکيه زرعي پيداوار ۾ لوبان، ڪيلو، ڪپهه، ڪمند، مڪئي، کئونر، جؤ، جوئر، تيلي ٻج، چانور ۽ مڱيرا شامل آهن. هتان جي مکيه صنعتن ۾ فوڊ پروسيسنگ، چمڙي جا ڪارخانا، سيمينٽ، ٽيڪسٽائل، شگر ملز، جوتن ۽ پيٽروليم جون صنعتون شامل آهن. مکيه معدنيات ۾ ڪچو لوهه، جپسم، يورينيم، ٽن، ٽيٽانيم، لوڻ ۽ ڪوئلو شامل آهن. هتي صومالي ‘ايئر لائينز’ جي نالي سان قومي هوائي ڪمپني آهي. هن ملڪ کي چار وڏا بندرگاهه آهن. صوماليا هڪ جمهوري ملڪ آهي. صدر رياست جو مملڪتي اڳواڻ (هيڊ آف اسٽيٽ)، چيف ايگزيڪيوٽو، هٿياربند فوج جو ڪمانڊر ان چيف هوندو آهي. هن وقت صوماليا جو صدر محمد عبدالحئي محمد آهي. صدر پارليامينٽ پاران 5 سالن لاءِ چونڊيو ويندو آهي. حڪومت جو اڳواڻ وزير اعظم آهي، جنهن جي چونڊ صدر ڪندو آهي. هن وقت صوماليا جو وزير اعظم محمد حسن علي خيري آهي.


لفظ صومالياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.06.26  عيسوي

صوماليا جي آزاديءَ جو ڏينهن 26 جون 1960ع آهي.



ملڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آئرلينڊ
ترڪي
پٽ ڪينئون
پاڪستان
برونئي
پيرا گوئي
روس
جيبوتي جبوتي
انڊونيشيا
ٿائي لينڊ
ملڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون