ڪمند

ڪمند

ڪمند

ڪمند: ڪمند دنيا جو اهم کنڊ پيدا ڪندڙ فصل آهي. دنيا ۾ ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان پنجين نمبر تي جڏهن ته سنڌ، پاڪستان ۾ پھرئين نمبر تي آهي. پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڪمند گهڻو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ هن جي پوکيءَ جي شروعات 1932ع ۾ سکر بئراج جي ٺھڻ سان ٿي، پر تجارتي بنيادن تي پوکيءَ جي شروعات 1960ع ۾ ٽنڊو محمد خان شگر مل کُلڻ سان ٿي. جنھن کان پوءِ ڪمند جي پوکي توڙي شگر ملن جي کُلڻ ۾ واڌ ايندي رهي آهي. هن فصل جي پوکي سال ۾ ٻن وقتن، بھار يعني 15 فيبروري کان 31 مارچ ۽ سرءُ يعني 15 آگسٽ کان 30 سيپٽمبر تائين ڪئي ويندي آهي. بھار واري فصل جي ڀيٽ ۾ سرءُ جو فصل وڌيڪ اپت ڏئي ٿو. هن فصل جي پوکيءَ لاءِ چيڪي ۽ لٽياسي زمين گهربل هوندي آهي. اتر سنڌ، وچولي سنڌ ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ زمين ۽ آبھوا جي لحاظ سان ڌار ڌار مقدار ۾ ڀاڻ ڏنو ويندو آهي. زمين جي تياريءَ ۾ 3 کان 4 سُڪيءَ جا هر ڏيئي، مٿان راجا هر ڏيئي، سانھر سان ڀتر ڀڃي زمين کي تيار ڪبو آهي. پوءِ 90 کان 100 سينٽي ميٽرن جي مفاصلي تي 7 کان 8 انچ اونھيون اوڙون ڪڍبيون. پوکي ڳُرين ذريعي ڪئي ويندي آهي، جيڪي 7 کان 8 مھينن جي عمر واري فصل مان ورتيون وينديون آهن. اگر 8 مھينن کان وڌيڪ عمر واري فصل مان ڳريون ورتيون وينديون ته اهي ٻوٽي جي اڌ کان مٿي واري حصي جون هونديون، جو انھن ۾ ڦُٽڻ جي صلاحيت وڌيڪ هوندي آهي. اهي ڳُريون 80 کان 100 مڻ في ايڪڙ يعني ٽي هزار کان چار هزار ڳُريون پوکيون وينديون آهن. هڪ ٻوٽي جي ٻئي ٻوٽي کان وٿي اڌ کان منو فوٽ هئڻ گهرجي. فصل جي پوکي وقت ڏيڍ کان 2 ٻوريون ڊي. اي. پي، هڪ ٻوري يوريا ۽ 2 کان ٽي ٻوريون پوٽيشيم سلفيٽ ڏنيون وينديون آهن. مُني ٻوري يوريا پھرين مٽي چاڙهڻ وقت ۽ مُني ٻوري يوريا ٻيءَ مٽي چاڙهڻ وقت ڏني ويندي. آبھوا ۽ زمين جي لحاظ کان اتر سنڌ ۾ ڪمند کي 16 کان 20 پاڻي ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ 22 کان 24 پاڻي ڏنا ويندا آهن. پھريون پاڻي پوکي کان پوءِ جلد ڏبو، ان کان پوءِ پاڻي لاڳيتا 4 انچ جي حساب سان، اونھاري ۾ 7 کان 10 ڏينھن جي وقفي سان ۽ سياري ۾ 10 کان 15 ڏينھن جي وقفي سان ڏبا. ٽي پاڻي ڏيڻ کان پوءِ فصل مان گاهه ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، جيڪو مسلسل ڪٽائي تائين هلندو رهندو آهي. هر ٻئي پاڻي بعد تر جي مٽي ڪوڏر سان پٽي ٻوٽي جي پاڙ ۾ ڏني ويندي آهي. مٽي فصل جي حالت مطابق ٽي يا چار ڀيرا ڏني ويندي آهي. ڪمند جو ٻوٽو 8 کان 10 فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. دنيا جي ملڪن ۾ هي فصل 2000 کان 2500 مڻ في ايڪڙ پيداوار ڏئي ٿو، پر سنڌ ۾ 400 کان 2000 مڻ في ايڪڙ جي حساب سان پيداوار ڏئي ٿو. هن جا پن مال کي چاري طور ڏنا ويندا آهن. ڪمند جي فصل تي مختلف جيتن جو حملو به ٿيندو آهي، جن ۾ پاڙ جو ڪينئون، ڏانڊي جو ڪينئون، اڇي مک، گهوڙا مک، ڪاري ٽنڊڻي ۽ ڪمند جي جونء وغيره شامل آهن. جيتن ۽ مختلف مرضن کان بچائڻ لاءِ مختلف دوائن جا ڦوهارا پڻ ڪيا ويندا آهن. فصل جي ڪٽائي ان وقت شروع ڪئي ويندي آهي، جڏهن فصل تيار ٿي، رس سان ڀرجي ويندو آهي ۽ ٻوٽي جي هيٺين اڌ جا پن سڪي ويندا آهن. ڪٽائي کان هڪ مھينو پھرين پاڻي ڏيڻ بند ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ڪمند جي پيڙهائي ۽ کنڊ جي تياريءَ لاءِ 30 کان وڌيڪ کنڊ جا ڪارخانا (شوگر ملز) هلي رهيا آهن.


لفظ ڪمندھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو