رَسُ1

رَسُ1: ميون مان حاصل ٿيندڙ پاڻي نما رس، جيڪو مختلف قسم جي ميون کي نچوڙڻ سان ڪڍي سگهجي ٿو، هي مختلف دوائن ٺاهڻ جي ڪم پڻ اچي. ڪن ميون جو رس، شربت طور پڻ واپرايو ويندو آهي، جيئن ڪمند جو رس گرمين ۾ عام طور پيتو وڃي ٿو. ميون کانسواءِ ٻين ڪيترين ئي جڙي ٻوٽين جا رس زهريلا پڻ ٿين ٿا، جيڪي عام طور نقصانڪار هوندا آهن، پر حڪيم انهن کي ٻين دوائن سان ملائي فائديمند بنائي ڇڏيندا آهن. آڳاٽي وقت هٿ جي اوزارن سان رس ڪڍبو هو، پر هاڻي جديد مشينون انهيءَ لاءِ استعمال ٿين ٿيون.
ٻوڙ جو به رس ٿيندو آهي. ڳڙ جي چاش يا رس تيار ڪبي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو