ايڪڙ

ايڪڙ: ٻه جريب زمين جو ٽڪر. هي زرعي زمين جي ماپ جو ايڪو آهي. قديم زماني ۾ برطانيا ۾ اهڙي ٻنيءَ کي ’ايڪڙ‘ چوندا هئا، جنھن ۾ هڪڙو ڍڳو صرف هڪ ڏينھن ۾ هر هلائي سگهي. هڪڙي ايڪڙ جي ڪل ايراضي 43560 چورس فوٽ يا 4840 چورس وال هوندي آهي. سنڌ ۾ زرعي زمين جي ماپ ايڪڙن ۾ ڪئي ويندي آهي.


لفظ ايڪڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو