جالنڌر

جالنڌر (Jalandhar ):جالنڌر يا جلنڌر، هندستان جي رياست پنجاب جو هڪ قديم شهر آهي. ستين صدي عيسويءَ ۾ هيءَ هڪ راجپوت بادشاهت جي گاديءَ جو هنڌ هو. جالنڌر پنجاب رياست جو ٽيون سڀ کان وڏو شهر ۽ ريل جي اهم جنڪشن آهي. ڀرپاسي جي زرعي علائقن جون شيون هن شهر ۾ خريد ۽ وڪرو ڪيون وينديون آهن. جالنڌر جي ڀرپاسي ڪيترائي ڳوٺ ڏاکڻي پاسي وڏي ڇانوڻي کانسواءِ اوڀر ۾ 9 ميل پري هڪ ائير فيلڊ به آهي. شهر جا تيرهن ڪاليج گرو نانڪ يونيورسٽي سان ڳنڍيل آهن. ضلعي جالنڌر ستلج درياهه جي اتر ۾ 31396 چورس ڪلوميٽر علائقي تي مشتمل آهي. مڪئي، ڪڻڪ، وونئڻ، ڪمند ۽ چڻا هتان جا اهم فصل آهن.



لفظ جالنڌرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو