سيمينٽ

سيمينٽ

سيمينٽ

سيمينٽ: سيمينٽ عمارتي مصالحو آهي، جيڪو چُن، سليڪا، اليومينيم ۽ لوهه جي آڪسائيڊ جو مرڪب آهي. تعميراتي ڪمن ۾ استعمال ٿيندڙ سيمينٽ پٿر ۽ چيڪي مٽيءَ کي گڏ ساڙي تيار ڪبو آهي. ريتي روڙو، ڪٽيل سرون سيمينٽ ۾ ملائڻ سان ڪنڪريٽ (Concrete) ٺهندي آهي، جيڪا گھرن جي ڇتين، فرشن، روڊن ۽ ڀتين جي ڪم ايندي آهي. وڏن تعميراتي منصوبن ۾ ڪنڪريٽ ۾ لوهه جون سيخون وڌيون وينديون آهن، جيڪو فيرو ڪنڪريٽ سڏبو آهي. اعليٰ عمارتن، پُلين، بندن، سائفن وغيره جي تعمير ۾ فيرو ڪنڪريٽ استعمال ٿيندي آهي. سيمينٽ جو سڀ کان اعليٰ قسم ’پورٽ لينڊ‘ سيمينٽ آهي، جنهن کي ’جوزوف اچي ڊن‘ 1844ع ۾ ايجاد ڪيو. سيمينٽ جا ڪيترائي قسم ۽ رنگ هوندا آهن. پاڪستان ۾ لڪي، زيل پاڪ، واهه، دائود چينل، روهڙي، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾، سيمنيٽ جا وڏا ڪارخانا موجود آهن.


لفظ سيمينٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو