ٿان

ٿانُ/ٿاڻ: گهوڙن ٻَڌڻ جو مقرر هنڌ، جتي گهوڙو ٻڌي بيهارجي. ٿانَ ۾ لِڏَ جو وڇاڻ وڇايو پيو هوندو آهي، جنهن ۾ گهوڙو ليٽندو آهي. ٿانَ ۾ فقط هڪ گهوڙو ٻڌي بيهاربو آهي. گهڻن گهوڙن ٻڌڻ واري جاءِ کي ”ڪُڙهه“/ اصطبل چوندا آهن. جڏهن ته مال جي وٿاڻ ۾ ورڇيل خاني کي ٿاڻ سڏبو آهي. هر هڪ خانو تَهَه يا وڇاڻي (Bedding) سان ڍڪيل هوندو ۽ ننڍي ٻنوڙي سان ٻئي ٿاڻ يا خاني کان الڳ ٿيل هوندو آهي، ان ۾ جانور آرام سان واڙي سگهجي ٿو. ٿاڻن پٺيان ڇيڻن صاف ڪرڻ لاءِ سيمينٽ جو پڪو ٿلهو پڻ ٺهيل هوندو آهي.


لفظ ٿانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


هنڌ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پٿراڻي
ٿان
هنڌ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون