چڪوال شهر جو ڏيک

چڪوال شهر جو ڏيک

چڪوال

چڪوال: چڪوال، پاڪستان جو مشهور شهر آهي، جيڪو تصوف جي مرڪزن مان هڪ آهي. شهر جو بنياد مئرمنهاس قبيلي سان تعلق رکندڙ چڪو خان، مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر جي دؤرِ حڪومت ۾ وڌو. هي هڪ زرعي شهر هو، تنهنڪري هتي جي رهاڪن جو ذريعه معاش، پوکي راهي ۽ مال چارڻ تي هو، جڏهن ته هتي جي زراعت برساتن تي ٿيندي هئي. 1985ع ڌاري چڪوال شهر کي ضلعي جو درجو ڏنو ويو ۽ ترت هيءُ شهر زرعي شهر مان ڦري هڪ وڏو صنعتي شهر بنجي ويو. چڪوال جي ڀرسان موٽر وي جي تعمير ٿيڻ سب به هتي صنعتڪاريءَ تمام گهڻي ترقي ڪئي.
چڪوال شهر جي ايراضي 7 لک 40 هزار ايڪڙ آهي. هن ضلعي جي اتر ۾ اٽڪ ۽ راولپنڊي ضلعا، ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ جهلم ۽ خوشاب، جڏهن ته اولهه ۾ ميانوالي ضلعو آهي. هن علائقي ۾ موسمي ندين ۽ نالن جي دٻاءَ جي ڪري هنڌ هنڌ تي گهريون کاهيون ۽ کڏا ٺهيل آهن، جنهنڪري پوکي ۽ اچ وڃ ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون. کيڙي سوات پهاڙ ضلعي چڪوال جي اولهندي حصي ۾ آهي، جيڪو بلڪل خشڪ ۽ وڻن کان خالي علائقو آهي.
ٽئين حصي ۾ درياهه ’سوان‘ جي وادي آهي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي نديون ۽ موسمي نالا اچي ملن ٿا، جيڪي گهرين کڏن مان وهن ٿا، جن جي وچ ۾ ٿوري هموار زمين ملي وڃي ٿي، جتي پوک ٿئي ٿي. ڪلرڪها ۽ چواسيدن شاهه هن علائقي جا مشهور تاريخي شهر آهن. چڪوال ڪيترين ئي شين جهڙوڪ: چپل، سئنڊل، کاڄن، مٺاين ۽ ڪپڙي جي ڪري مشهور آهي.
چڪوال ۾ ڪتن جي ويڙهه، گهوڙن جي ريس مختلف جانورن جي نمائش کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ثقافتي رانديون کيڏيون وڃن ٿيون، جن ۾ هتان جا رهواسي گهري دلچسپي وٺندا آهن. هي وندرون هر سال ميلن جي صورت ۾ منعقد ٿينديون آهن.
چڪوال جي ويجهو دلميالا نالي ڳوٺ ۾ هڪ قديم توپ رکيل آهي، جيڪا هڪ بهادر سپاهي صوبيدار گل محمد کي پهرين مهاڀاري جنگ دوران تحفي طور ملي هئي.
هتي دلميالا ڏانهن ويندي هڪ هنڌ اچي ٿو، جنهن لاءِ مشهور آهي ته اتي بابر بادشاهه پنهنجي فوجي لشڪر کي منظم ڪري بهار تي چڙهائي ڪئي هئي. هن قديم تاريخي يادگار کان سواءِ اڄڪلهه هتي ڪپڙي ٺاهڻ جي ڪارخانن سميت سيمينٽ ٺاهڻ جو هڪ وڏو ڪارخانو به آهي. هتي جا ماڻهو محنتي آهن، جن جي اڪثريت ٽرانسپورٽ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهي.


لفظ چڪوالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو