داخلا ؛ 7335
پڙهيو ويو ؛ 350
پسند ڪيو ويو ؛ 3
تاريخ ؛ 2014-03-06


تصويرون




ٽائيم لائين




sindhianaسنڌيانا--جت

ٽائيٽل ؛ جت


شاخ : ذات

جت: آريائي نسب نامي جي روايتن مطابق آرين جون سورج ونسي ۽ چندر ونسي شاخون، ٻن وڏن انساني گروھن جي نمائندگي ڪن ٿيون. چندر، جنھن کي سم به چيو وڃي ٿو، -ان- جي اولاد جي شناخت لاءِ سندس ٻئي نالا استعمال ڪيا ويا آھن. يعني سندس اولاد کي چندر ونسي به ڪوٺيو ويو آھي ته سم ونسي به. سم ونسي جو مقامي سنڌي نعم البدل سمھ يا سما آھي. چندرونسي/ سم ونسي نسل مان اڳتي ھلي ڪيترائي قبيلا ڦٽا. انھن مان يياتي جي پنجن پٽن، يدو، تروسو، انو، درھيو ۽ پرو جي اولاد مان پيدا ٿيل ڪيتريون ئي شاخون ’جت‘ سڏيون ويون آھن. -جت- ھڪ وڏو نسلي گروھه آھي، جيڪو جٽ، جاٽ، جدگال، زَط ۽ جپسي جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. انھن چندر ونسي/ سم ونسي -جت- قبيلن جو پھريون ذڪر شايد مھاڀارت ۾ ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ جتن کي سنڌ جا رھاڪو ۽ سامونڊي ۽ درياهي پيشن سان وابسته ڄاڻايو ويو آھي. جتن ۽ ميدن جي پاڻ ۾ چڪرين جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو آھي ته ھڪ موقعي تي، انھن ٻنھي قبيلن، دريوڌن کي نياپو موڪلي پاڻ تي ڪو حاڪم مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست ڪئي. جنھن تي دريوڌن پنھنجي ڀيڻ دھشلا کي مٿن حاڪم مقرر ڪيو، جيڪا راجا جئدرٿ جي راڻي ھئي [تاريخ سنڌ، مولوي نورمحمد نظاماڻي، (پنج ئي حصا گڏ) صفحو 41، مھراڻ اڪيڊمي، 2006ع]. -ان- قسم جي سمورن حوالن جي بنياد تي -جت- قبيلن جي اوائلي رهڻي ڪهڻي سنڌ جي تاريخي حدن ۾ ٿيندي نظر اچي ٿي. جتان اھي وچ ايشيا، وچ مشرق توڙي آفريڪا تائين ڦھلجي ويا. يورپ جا معروف ’جپسي‘ به اصل ۾ -جت- ئي آھن، -جن- سنڌ ۽ گجرات جي علائقن مان يورپ ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي. قبل مسيح واري زماني ۾ ئي وچ -ايشيا- کان سنڌ ۾ آيل سيٿي قبيلا به اصل ۾ انھن ئي مٿين قبيلن مان ڦٽي نڪتل آھن، -جن- کي بعد ۾ -جت- چيو ويو. سيٿي نسل تي -تحقيق- ڪندڙ اوائلي -انگريز- محقق انھن کي -آريا- نه ٿا سمجھن، پر بعد جي مورخن سيٿي نسل کي به -آريا- قرار ڏنو آھي، -جن- ۾ ڪرنل جيمس ٽاڊ نمايان آھي.

سنڌ جي حڪمران راءِ گھراڻي جو تعلق به -جت- قبيلي سان ھو. -ان- ڳالھه جو وڏي ۾ وڏو ثبوت چچ نامي ۾ موجود اھو حوالو آھي، جنھن ۾ راجا ڏاھر، سندس -ڀاءُ- ڏھرسينه پاران، ماھين سان شادي ڪرڻ تي ڪيل اعتراض جو جواب ڏيندي ھڪ خط ۾ لکي ٿو ته: ”جيتوڻيڪ ماھين کي اسان جي پيءُ ڏانھن نسبت آھي، پر ھوءَ جتن جي ڌيءَ آھي.............“ (چچ نامو، صفحو 83، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1994ع). ھن حوالي مان خبر پوي ٿي ته راءِ گھراڻي جو آخري راجا سھاسي بي اولاد نه مئو ھو، بلڪه ھن کي ھڪ ڌيءَ به ھئي. جنھن کي چچ پاليو. راجا ڏاھر -ان- جي نسبت جتن سان ڪري اھو ٻڌائي رھيو آھي ته راءِ گھراڻي جو تعلق جتن سان آھي.

ھند جي نسلي روايتن ۾ راءِ گھراڻي کي ٻلھرا -جت- ڄاڻايو ويو آھي. اھو درست آھي ته جتن جي ٻلھرا ذات جو تعلق راءِ گھراڻي سان آھي، پر راءِ گھراڻي جا حڪمران بذات خود ٻلھرا نه ھئا، راءِ گھراڻي سان تعلق رکندڙ ٻلھرا پوءِ پيدا ٿيل قبيلو آھي. (هن وقت به سنڌ ۾ ٻلهڙا ذات موجود آهي).

مٿي ڄاڻايو ويو آھي ته جت، چندر ونسي آھن. سنڌ جي وڏي علائقي ۾ انھن جون ٻئي شناختون برقرار رھيون. يعني اھي -جت- به ھئا ته سما به ھئا. انھن جتن سمن جي ڪري ئي سنڌ ۾ -ٻڌ- مذھب کي ’سمنيه‘ (شمني) ڪوٺيو ويو، يعني سمن جو مذھب ۽ اھو سمنيه فرقو، قديم دور ۾ جتن ئي عراق ۽ شام جي علائقي تائين پھچايو. دور جي فرق جي ڪري پيدا ٿيل لساني تبديلين توڙي سماجي ۽ سياسي تفريق جي ڪري اھڙيون روايتون آھستي آھستي مٽجڻ لڳيون ۽ پوءِ ڪن علائقن ۾ ھڪڙو نالو ته ڪن ۾ وري ٻيو نالو مروج ٿي ويو. ايتري قدر جو ھڪڙن علائقن جي ماڻھن لاءِ ٻئي علائقي جي روايتن کي ھڪدم قبولڻ به ممڪن نه رھيو آھي.

ھن سلسلي ۾ اھي روايتون به دلچسپيءَ کان خالي ناھن، -جن- ۾ سمن، جتن ۽ سومرن جو تعلق سامي نسل سان ڄاڻايو ويو آھي. چندر ۽ -ان- جي اولاد جي رهڻي ڪهڻيءَ کان واقفيت رکندڙن لاءِ اھا ڳالھه ڪافي دلچسپي رکي ٿي ته ھندو روايتن ۾ چندر ۽ -ان- جي اولاد جو تعلق قديم -بابل- جي -ان- علائقي سان ٻڌايو وڃي ٿو،جيڪو عرب ۽ اسرائيلي روايتن مطابق سام -بن- نوح جو علائقو آھي. -ان- سلسلي ۾ گھري -تحقيق- کان پوءِ سمجھه ۾ ائين اچي ٿو ته ساڳيا نالا لساني تفاوت تحت بدلجي ويا آھن ۽ پوئين دور ۾ مذھبي تفريق پوڻ ڪري انھن روايتن جي وچ ۾ تطبيق ڏيڻ مشڪل ٿي وئي آھي، پر بھرحال گھرائيءَ سان مطالعو ڪرڻ تي سمجھه ۾ ائين اچي ٿو ته جنھن نسل کي ھندي روايتن ۾ ’سم ونسي‘ ڪوٺيو ويو آھي، اسرائيلي ۽ عرب روايتن -ان- ئي نسل کي سامي نسل ڪري ڪوٺيو ويو آھي. اھڙين قديم روايتن ۾ -جتي- به سمن جو ذڪر آيو آھي، اتي جتن ۽ سومرن جو نالو به انھن سان گڏ کنيو ويو آهي.

’جت‘ بنيادي طور تي ھڪ نسلي اصطلاح آھي. مٿي مھاڀارت واري حوالي سان جتن کي اوائلي طور درياھن ۽ سمنڊن سان لاڳاپيل پيشن سان منسلڪ قرار ڏئي سگھجي ٿو، پر -تاريخ- واري دور ۾ جتن جي آبادي دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مالوند حيثيت ۾ نظر اچي ٿي. خاص طور جتن ۽ اٺن جو ذڪر ھڪ ٻئي سان لازم ملزوم آھي. جتن جي اھا شناخت وچ ايشيا، وچ -اوڀر- ۽ سنڌ ۾ عام آھي. يعني -جت- قديم دور کان وٺي وڻج واپار ۽ باربرداريءَ جي پيشي سان لاڳاپيل رھيا آھن. واضح طور تي نظر اچي ٿو ته جتن جي قديم زماني کان ڪن مخصوص ڌنڌن سان تعلق سبب انھن علائقن ۾ ’جت‘ لفظ جو مفھوم به ڌنڌي جي معنيٰ اختيار ڪري ويو آھي. اھو ئي سبب آھي جو موجوده -بلوچستان- جي علائقن ۾ جت/ جاٽ لفظ جو مفھوم ”اٺن تي مال برداري ڪندڙ“ ورتو ويندو آھي ۽ موجوده پنجاب جي علائقن ۾ جت/ جاٽ لفظ جو مفھوم ”زمينداريءَ سان لاڳاپيل“ ھئڻ جي نشاندھي ڪندو آھي. ايتري قدر جو انھن علائقن ۾ ٻئي ڪنھن نسل جو ماڻھو اھو ڪم ڪندي نظر ايندو آھي ته -ان- کي به علائقائي رجحان مطابق ”ڌنڌي سان لاڳاپيل ھئڻ“ جي معنيٰ ۾ -جت- ڪوٺيو ويندو آھي. -بلوچستان- جي علائقي جي ڪن -بلوچ- قبيلن کي به -ان- نسبت سان -جت- سمجھيو ويندو آھي. انگريزن جي دور جي گزيٽيئرن ۾ -بلوچستان- جي ڪجھه سماٽ ذاتين کي به رڳو ڌنڌي جي ڪري -جت- ڪوٺيو ويو آھي. ٻئي طرف ابسٽن پنھنجي مشھور ڪتاب \'Punjabs’ Castes\' ۾ -ان- سلسلي ۾ ھڪ نھايت دلچسپ مثال پيش ڪندي لکي ٿو ته: ”لفظ -جت- سان اھا مشڪل ويتر وڌيو وڃي ٿي، جنھن جو مطلب (نسل کان ھٽي) ھاري ۽ جاٽڪي جو مطلب ھارپو ڪندڙ آھي. زراعت جي سلسلي ۾ ڳالھائڻ دوران ھڪ سيد زيلدار جو ذڪر ھيئن ڪيو ويو ته ”انور شاھه کان پڇو، اھو اسان کان وڌيڪ چڱو -جٽ- آھي“.

[پنجاب ڪي ذاتين، ڊينزل ابسٽن، صفحو 216، فڪشن ھائوس لاھور، 1998ع].

ھن سلسلي ۾ اھو ٻڌائڻ به مناسب ٿيندو ته جپسين جي -جت- ھئڻ تي اڄ تائين ڪو به اعتراض سامھون نه آيو آھي. جپسي، -جت- لفظ جو ئي ھڪ تلفظ آھي، پر يورپ ۾ -ان- جو مفھوم لاڏائو ماڻھو ورتو وڃي ٿو.

عرب، جتن کي سنڌي جاٽن طور سڃاڻندا ھئا ۽ انھن کي پنھنجي ٻوليءَ جي اچار مطابق ’زُط‘ سڏيندا ھئا. ’ز تي پيش‘ عربي ٻوليءَ جي خصوصيت آھي. يعني عرب، اڪثر سنڌيءَ جي اھڙن اسمن کي، -جن- جي پھرئين حرف تي زبر ھجي، انھن کي پيش سان اچاريندا آھن. ساڳيءَ طرح اسان وٽ عربي ٻوليءَ جا جيڪي به اسم، لفظ جي پھرئين اکر تي پيش سان پھتا آھن، انھن کي زبر سان پڙھندا آھيون. جھڙوڪ سـُليم کي سـَليم، خـُديجه کي خـَديجه، سـُڪينه کي سـَڪينه، حـُنيف کي حـَنيف ڪري پڙھڻ وغيره.

اسلام کان اڳ به عرب علائقن ۾ -جتن جي تاريخ- رڪارڊ تي آھي. رسول -الله- صه جي دور ۾ به ڪيترائي قبيلا لڏپلاڻ ڪري عراق ۽ سرزمين حجاز ۾ وڃي -آباد- ٿيا ۽ اتي جي آڳاٽن قبيلن سان جوڙ ڪري رھڻ لڳا. جڏھن ته -ايران- سان ٿيل -جنگ- سلاسل (زنجيرن واري جنگ) ۾ -ايران- پاران وڙھندڙ سپاھين جو ھڪ وڏو تعداد سنڌي جتن تي مشتمل ھو. خلفاءِ راشدين جي دور ۾ اسان کي عربستان ۾ -جت- قبيلا پوريءَ طرح پنھنجو ڪردار ادا ڪندي نظر اچن ٿا. سنڌ ۾ اسلامي فوجن جي فتحيابيءَ کان پوءِ -جت- قبيلن وڏي پيماني تي عربستان ڏانھن لڏپلاڻ ڪئي. چون ٿا ته حضرت علي عليه السلام جي حڪم تي بصري جي -بيت المال- جي نگراني ڪندي چاليھن يا ٻي روايت موجب چار سؤ ڄڻن سان گڏ شھيد ٿيندڙ ابوسالم زُطيءَ جو تعلق به -جت- قبيلي سان ھو. عربستان ۾ رھندڙ -جت- قبيلن سان تعلق رکندڙ عالمن اتي وڏو نالو ڪڍايو، -جن- مان -امام- ابو حنيفه به ھڪ آھي.

تيرھين صدي عيسويءَ ڌاري مڪران جي علائقي ۾ مير -جلال- خان جي اڳواڻيءَ ۾ -بلوچ- قبيلن جي آمد ٿي، -جتي- -ان- وقت جتن جو ’ھوت‘ نالي معروف قبيلو راڄ ڪري رھيو ھو. -بلوچ- تمام جلد -جت- قبيلن جي علائقن ۾ ڦھلجي ويا ۽ ھڪ جنگجُو نسل طور مشھور ٿي ويا. سمن جي دور تائين اھي سبي ۽ ڪڇيءَ تائين بيٺڪون قائم ڪري ويھي رھيا. فطري طور تي -جت- قبيلا انھن کان مرعوب ٿي ويا. انھن پاڻ کي -بلوچ- سڏرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بلوچن جي عصبي قوت جي ڪري سندن علائقن ۾ اھي اڄ تائين پاڻ کي -بلوچ- نه مڃرائي سگھيا آھن. بلڪه -بلوچ- انھن کي ’جدگال، -جت- ۽ سنڌي‘، چئي پاڻ کان الڳ اڪائي ليکيندا آھن. البت سمن جي دور ۾ جڏھن -جت- قبيلا لاڙ واري علائقي تائين پھتا ته انھن پاڻ کي ’بلوچ‘ سڏرايو. سنڌ جا ماڻھو جتن جي نسلي سٽاءَ کان واقفيت رکندا ھئا، پر نووارد ’بلوچ‘ نسل سان اڃا سندن اٿي ويٺي ڪانه ٿي ھئي. جنھنڪري انھن نسل بجاءِ علائقائي پسمنظر ۾ جتن جي -ان- دعويٰ کي قبول ڪيو.







رايا ؛
حوالو ؛ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون

ڇا اوهان وٽ -جت- سان لاڳاپيل ڪو مواد تصوير يا نقشو وغيره آهي، ته اوهان اهو مواد انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سان شيئر ڪريو، اسان هن داخلا کي اوهان جي مواد سان وڌيڪ بهتر بڻائينداسين.
مواد موڪلڻ لاءِ ڪلڪ ڪريو
ڇا هي مضمون اوهان کي پسند آيو ته هن بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو
//
مکيه صفحو
داخلا صفحو
فهرست موضوع
فهرست الف ب
تاريخ جا حوالا
تصويرون
جامع سنڌي لغت
سنڌي انگريزي لغت
بلاگ ۽ بحث
مدد ڪريو
ڊاڪومينٽيشن
اسان بابت
رابطو ڪريو

جت - مان نڪتل ٻيون شاخون-


ذات - موضوع جون ٻيون داخلائون-
باغائي سيد
باکڙا
بالاچ
بالادي
بانڪا
ٻاٽ (ذات)
ٻاٽ
آٿيلا
بجير
ٻاچڙا
ٻارا
ٻاراچ
ٻارڻ (ذات)
ٻاروپار
ٻاگھل
ٻاگھل (ذات)
ٻانڀڻ (ذات)
ٻانڌي (ذات)
ٻانها
ٻائيتال (ذات)
ٻٽ
ٻٽ سرائي
ٻٽ سرائي (ذات)
ٻٽوڙ
ٻپڙ
ٻپڙا
ٻجورا
ٻچڙا
ٻڌ (ذات)
ٻڍاڻي (ذات)
ٻرڙا
ٻرهام
ٻگهيا
ٻلال
ٻليداڻي
ٻنڀا
ٻوچ
ٻوچيا
ٻوڍا
ٻور پوٽا
ٻوڙاڻا
ٻوسڻ
ٻوهڙا
ٻوهيا
ٻهڙ (ذات)
ٻياپرايا
ٻيٽا
ٻيجل (ذات)
اعواڻ
بدين پوٽا
اگهم
اگهيم
اڱاريا
بروٿا
بروهي
آچرا
برهماڻي
آبڙيجا
بزگر
امرناڻي
امروهي2
اتمچنداڻي نک
اُتم سنگهه نک
آرائين (ذات)
اڇوت
اَحمداڻي
آريجا
آريسر
آڏواڻي
انبواڻي
انڍڙ
انڙ
بڪيجا
بڪيرا
اڍيجا
اڍيجاڻي
بلا (ذات)
آسواڻي
آهوجا
آئلاڻي
آئلسنگاڻي
بهراڻي
بهليم
بهمڻ
بهڻ
بمرا
بنبل
آگاڻي
آگرا
بوڌاري
بوڌيا
بوزدار
بوهڙ
اوڍا
اوڍا1
اوڍاڻا
اوڍر
اوستا
ابڙيجا
اڍا


.....ذات موضوع جون وڌيڪ داخلائون

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، پراجيڪٽ آف سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حق ۽ واسطا محفوظ آهن