جُمر

جمُر: هيءُ هڪ قسم جو جابلو وڻ آهي. عام طرح بيد جي وڻ کي جمر چئبو آهي، جيڪو بڊي جبل جي جهنگ واري علائقي ۾ تمام وڏي وڻ جي صورت ۾ ٿيندو آهي. اهڙن ئي وڻن جو تذڪرو شاهه سائينءَ سر سسئي آبريءَ جي داستان ٻئين ۾ هيٺئين بيت جي صورت ۾ ڪيو آهي:
وڏا وڻ وڻڪار جا، جت جائو، جمر، جر،
ڪوسا تپن ڪڪرا، ٻي دم دم تپي ڌر،
ويچاري ڏئي ور، پير نه لهي پرينءَ جو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو