اڱاريا


اڱاريا: هي بلوچن جو قبيلو ۽ ذات آهي ۽ لس ٻيلي جي قبيلن مان تعداد ۾ سڀني کان وڏو قبيلو آهي. لاکڙي ۽ لياري جي علائقن ۾ ’لاکڙو‘، ’هاڙهو‘، ’ٻهار‘، ’ڊگهو‘، ’کڙڪيرو‘، ’ڦور‘ ۽ ’هڱور‘ اڱارين جون خاص بستيون آهن. اڱارين مان هڪڙا ”ذڪري“ فرقي ۾ شامل آهن ۽ ٻيا سُني مسلمان آهن. ’راڌا‘ سندن سردار گهر آهن.
اڱاريا ڪلمتي بلوچن جو قبيلو آهي. سندن وڏو مَلڪ طوطو ڪرمتي هو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا، راڌو ۽ سومار. راڌي جو اولاد، جيڪو سنڌ ۾ سڪونت پذير آهي، سو پڻ پهريائين لس ۾ رهندو هو. لس جي هيٺئين ڀاڱي ۾ ”گهاڙيون“ يا پٿر جون چٽن گلن واريون قبرون ڪلمتي بلوچن جي قبيلي جي آڳاٽين ستين جون يادگار آهن. اڪثر گهاڙين تي بلوچ بهادرن جا نالا ۽ گهوڙا اڪريل آهن. راڌي جي اولاد مان سنڌ ۾ ’مَلڪ‘ آهن، جيڪي ميرپورساڪري جي ’راڄ ملڪ‘ ۾ رهن ٿا ۽ ٻيا جاتيءَ وارا ملڪ آهن، جيڪي جت قبيلن جا سردار آهن.


لفظ اڱارياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو