دريوڌن

دريوڌن: دريوڌن، مهاڀارت جو مکيه ڪردار ۽ ڪوروَن جو وڏو ڀاءُ هو. سندس پيءُ جو نالو ڌرتراشٽر ۽ ماءُ جو نالو گانڌاري هو. دريوڌن جو اصل نالو سُيوڌن (Suyodhana) هو. روايت موجب پانڊوَن جي پيءُ راجا پانڊوَ جي وفات بعد راجگدي کين نه ڏني وئي، ويتر ڪوروَن، پانڊوَن کي هر طرح جون اذيتون ڏئي، حڪومت مان ڪڍڻ ٿي چاهيو. پانڊون کي ملڪ بدر ڪيو ويو ۽ کين ساڙي مارڻ جي ڪوشش سان گڏ هر طرح جون اذيتون ڏنيون ويون. ان دوران دريوڌن، پانڊوَن کي دوکا ڏيندو رهيو. جڏهن ته پانڊوَ، ڌرم ۽ نيتيءَ تي هلندا هئا. حڪومت ۾ کين حصو نه ملڻ تي پانڊوَن، پنهنجن سؤٽن ڪوروَن سان جنگ ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
مهاڀارت جي يُڌ (جنگ) جي آخر ۾ جڏهن سڀ ڀائر مري ويا ته دريوڌن کي ڏاڍو ڏُک ٿيو ۽ هن کي گانڌاري پاڻ وٽ بنا ڪپڙن جي سڏ ڪرايو ته رستي تي شري ڪرشن کيس چيو ته ماءُ وٽ هن حالت ۾ وڃڻ مناسب نه آهي، ان تي هن پنهنجي ڪجهه جسم کي پنن سان ڍڪي ڇڏيو، جڏهن هو پنهنجي ماءُ جي ڪمري ۾ پهتو ته ماءُ اکين تان پَٽي لاهي ڇڏي ۽ هڪ خاص قسم جي جوت نڪرِي، دريوڌن جي جسم تي ڪِري ته جيئن جنگ ۾ سندس جسم کي نقصان نه پهچي سگهي ۽ سندس سوڀ ٿئي، پر سندس اهو حصو جيڪو پنن سان ڍڪيل هو، سو رهجي ويو. ٻئي ڏينهن ڀيم پانڊوَ، گدا يُڌ (جنگ) واري مقابلي ۾ کيس ڪافي ڌڪ هنيا، پر مٿس ڪو به اثر نه ٿيو. تڏهن دريوڌن کي اهو وچن ياد آيو جڏهن دريوڌن، دروپديءَ کي پنهنجي ران تي ويهڻ لاءِ چيو هو ۽ ڀيم وچن ڪيو هو ته هو دريوڌن جي ران ضرور ڪَٽيندو. ان ڪري هن دريوڌن کي ران تي ڌڪ هنيا ۽ هو زخمي ٿي پيو ۽ آخر مري ويو.


لفظ دريوڌنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو