راجسويه

راجسويه: قديم زماني ۾ سنڌ ۽ هند ۾ ’راجسويه‘ هڪ رسم هئي، جنهن کي راجا جي حڪم ۽ سندس خوشيءَ خاطر خاص ڏينهن مقرر ڪري جشن طور ملهايو ويندو هو. ’راجسويه‘ لفظ جو ڌاتوراج اُتسوَ‘ جهڙو آهي، جنهن ۾ راجا ۽ راڄ جي خوشيءَ خاطر، عوام اجتماعي طور خاص ڏينهن اتسوَ يعني جشن ملهائيندو هو. رگ ويد، مهاڀارت ۽ رامائڻ واري زماني ۾ به اهڙيون ڪيتريون شاهديون ملن ٿيون، جن ۾ جنگ جي فتح کانپوءِ راجا جي چونڊجڻ واري عمل ۾، راجا جي تاجپوشيءَ دوران، راجائي ٻار ڄمڻ جي خوشيءَ ۾، راجا جي شاديءَ جي خوشيءَ ۾، فصل لهڻ بعد، خوشگوار موسم وقت ۽ ڪيترين راجائي پرجائي خوشين وقت ’راجسويه‘ يا ’راج اُتسو‘ جو جشن، راجا جي حڪم ۽ خرچ سان ملهائي، راجائي ۽ پرجائي لاڀ حاصل ڪيو ويندو هو. مهاڀارت ۾ آيل روايت موجب، پانڊون جڏهن شري ڪرشن جي صلاح سان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي وڃايل رياستن ۽ مگڌ جي علائقي کي فتح ڪيو ته انهن ’راجسويه‘ جي رسم ادا ڪري جشن ملهايو هو. جنهنڪري ڪورون جي سردار (جيڪي سندن مخالفت ۾ هئا) دريوڌن کي ڏاڍي مٺيان لڳي هئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو