راج

راج (Raj): هندوستان جي ڪيترين مقامي ٻولين ۾ راج جو لفظ رازي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. گھڻو ڪري جايون ٺاهيندڙ رازا پنهنجي وڏي اوستي کي ’راج‘ ڪري سڏين ٿا. هي خطاب آهي نه ڪي ذات، سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ وڏن رازن کي راج سڏيو ويندو هو. هي گھڻو ڪري مسلمان ٿين ٿا. سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، دهلي، گڙگائون ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ هي خطاب اڃا به مروج آهي. پنجاب ۾ به اهي ماڻهو جيڪي سرون وجھن، بٺا پچائين ۽ رازڪو ڌنڌو ڪن ۽ پنهنجي ڪم ۾ مهارت رکن ٿا، تن کي راج جو لقب ڏين ٿا.


لفظ راجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو