ٽڳڻ

ٽڳڻ: شاديءَ جي هڪ رسم جو نالو. وهانءَ جي رات کان اڳ، ڏينهن جو ڪنوارجون مائٽياڻيون ۽ پاڙيواريون، ڪنوار کي پاتل زيوَر لهرائينديون آهن. اهي زيوَر هٿيڪا ڪري رکنديون آهن ۽ شاديءَ کانپوءِ ڪنوار کي ڏينديون آهن. ان رسم کي ٽڳڻ چون. هي رسم سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪئي ويندي آهي. بدين طرف هن وقت به اها رسم هلندڙ آهي.


لفظ ٽڳڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو