ٽڪو2

ٽِڪو2: ٽِڪو ۽ تلڪ اهو نشان آهي، جيڪو لڳائبو ناهي، بلڪ ڪڍبو يا ڏبو آهي. ٽڪو مسلمانن جي نئين ڄاول ٻار کي به نرڙ تي ڏبو آهي. گهڻو ڪري نظر ڏنڀاڻيءَ لاءِ ڏيندا آهن. اها سنڌ جي پراڻي رسم آهي. هندو رواج موجب زالون، مرد توڙي ٻار، نرڙ تي تلڪ لڳائيندا آهن، ان کي ٽڪو چوندا آهن. خاص طرح سردار يا حاڪم کي ٽِڪي جو خاص نشان لڳايو ويندو هو. ٽڪي لڳائڻ جي رسم سنڌ توڙي هند ۾ پراڻي زماني کان هلندي اچي ٿي. جنهن شخص کي تخت جو مالڪ يا سردار تسليم ڪبو هو، تنهن کي ڪنواريون ڇوڪريون تخت تي ويهڻ يا پڳ ٻڌائڻ مهل نرڙ تي ٽڪو لڳائينديون هيون. ٽڪي لڳائڻ جو رواج مغلن جي دور ۾ به هو، جهانگير جي زماني ۾ اڪبري درٻار جي هڪ ملازم راءِ سنگهه جي مرڻ کان پوءِ، اُن جي ٻن پُٽن دلپت ۽ سورسنگهه جو گاديءَ تي تڪرار ٿيو، جنهن ۾ اصل حقدار دلپت هو، جڏهن ته سورسنگهه اها حجت پيش ڪئي ته سندس پيءُ پنهنجي جيئري کيس ٽڪو لڳائي، پنهنجو جانشين مقرر ڪري ويو هو، ان تي جهانگير چيو ته ”چڱو جي ائين آهي ته پوءِ آئون ٿو دلپت کي تلڪ لڳايان“. پوءِ پنهنجي هٿ سان، اُن کي تلڪ لڳائي، سندس پيءُ جي گاديءَ تي ويهاريائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو