جدگال

جدگال: جدگال، جد جي معنيٰ جت ۽ گال جي معنيٰ ٻولي، ڳالهه، يعني جتڪي ٻولي ڳالهائڻ وارا جت. هنن سنڌ، بلوچستان، مڪران ۽ لسٻيلي جي ٻين قومن سان مٽيون مائٽيون ڪيون، جنهنڪري کين گڏيل يا گڊا به چيو وڃي ٿو. جدگالن جا خاص پاڙا: 1. رئيس، 2. ڪينگزئي، 3. مهدي زئي، 4. بند، 5. ڪوڙڪ، 6. سنگر ۽ 7. جوکيا آهن. رئيس، لسٻيلي جي ڄاموٽن سان نسبت جي دعويٰ ڪن ٿا. ڪينگزئي پاڻ کي لسٻيلي جا ڄاموٽ چون ٿا. سنگر چون ٿا ته اسان اصلي سنڌ جا سنڌي آهيون ۽ سنڌ جا جوکيا اسان جا مائٽ ٿين. مهدي زئي، سنگرن جي هڪ پاڙي جي شاخ آهي، اهڙيءَ طرح جوکيا، بند ۽ ڪوڙڪ به هن سر زمين جي جتن جون خاص نسبتون آهن، جيڪي پاڻ کي سنڌي قوم جا فرد سڏائين ٿا .


لفظ جدگالھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو