ٺاراڻي

ٺاراڻي : جَت، سنڌ جي وڏي سماٽ ذات آهن، جنهن جا سوين پاڙا آهن، انهن مان هڪ پاڙي جو نالو ”ٺاراڻي“ آهي. هنن جو پيشو ساڳيو جتن جهڙو آهي. ٺاراڻي پاڙي جو وڏو ٺارو خان جت هو، جنهن جي نسبت سان سندس اولاد پاڻ کي ٺاراڻي چوائي ٿو. ڪوٽڏجي جي تعلقي بگودڙو ڳوٺ ۾ ٺاراڻين جو پاڙو آهي. گجو ۽ ٻين ذاتين ۾ به ٺاراڻي پاڙا آهن، جيڪي اصل ۾ پنهيار آهن.


لفظ ٺاراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو