چَنَڙَ

چَنَڙَ (ذات): هڪ روايت موجب جنڙ ذات راجپوتن جي شاخ مان آهي ۽ سندن روحاني سلسلو بهاولپور جي هڪ بزرگ سان ڳنڍيل آهي. چنڙ سنڌ ۾ ڪافي تعداد ۾ رهن ٿا.
Encyclopedia of Tribes and Castes of India موجب هي جت قبيلي جا هارپو ڪندڙ ماڻهو آهن، جيڪي لوڌران ۽ ملتان وارن علائقن ۾ رهندا هئا ۽ پاڻ کي راڻا سڏرائين ٿا. بهاولپور ۽ احمدپور ۾ ڪادار سڏجن ٿا. هنن جو چڱو تعداد بهاولپور جي روهي ۽ چولستان ۾ به آباد آهي، جتي هو وڏا مالوند ۽ زميندار آهن. سندن پاڙن ۾ آدماڻي، رام، وِسل، ڀوم ۽ ڀوپال مشهور آهن. هي چنڙ پير جا پونير آهن ۽ سندس ڀائرن جي اولاد ۾ شمار ٿين ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو