جدگالي

جدگالي (Jadgali) (ٻولي ): هيءَ ٻولي جتڪي، جت گالي ۽ جت جي نالن سان به سڏجي ٿي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ جو هڪ لهجو آهي. هيءَ ڏکڻ بلوچستان، ڏکڻ سنڌ ۽ ايران ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. 1998ع جي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هن ٻوليءَ جا ڪيترائي ڳالهائڻ وارا موجود آهن. هيءَ ٻولي هند- يورپي، هند- ايراني، هند- آريائي ۽ اتر- اولاهين سنڌي ٻوليءَ جي سٿ مان آهي. هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ جدگال پاڪستان ۾ جت سڏجن. جدگالي سنڌي ٻوليءَ جو لهجو به سڏجي ٿو. هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ گهڻو ڪري سنڌيءَ پڙهن ٿا. هي ٻولي يوڪرائين ۽ افغانستان جي جتن جي ٻوليءَ کان گهڻو مختلف آهي. هن ٻوليءَ جا ڳالهائيندڙ گهڻو ڪري مسلمان آهن .


لفظ جدگاليھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو