سورٺ راءِ ڏياچ

سورٺ راءِ ڏياچ (قصو/ داستان): سورٺ راءِ ڏياچ داستان جون ٻه روايتون مشهور آهن هڪڙي ڪڇ ڪاٺياواڙ جي روايت ۽ ٻي سنڌ ۾ هلندڙ روايت. ٻنهي روايتن جو تاڃي پيتو (تر ۽ بَــرُ) هڪ واقعي تي ٻڌل آهي. ڪڇ ڪاٺياواڙ جي ڪهاڻيءَ جا ٽاڻا هن ريت آهن. گجرات ۾ ڪاٺياواڙ جي راجائن جي ناسازي هئي گجرات جا راجڪمار ۽ راجڪماريون گرنار جي تيرٿ تي ويندا هئا ته ڪاٺياواڙ جا راجا هميشه ساڻن بدسلوڪي ڪندا هئا، راءِ دياس (راءِ ڏياچ) جي ڏينهن ۾ گجرات جي راڻي ۽ سندس ڌيءَ گرنار جي تيرٿ ڀيٽڻ لاءِ ويون ته راءِ دياس، مهيني جي مُهلت تي راجڪماري پرڻائي ڏيڻ جو شرط رکيو ۽ تيرٿ جي موڪل ڏني. ان تي گجرات جي راجا ان بيعزتيءَ جي وير وٺڻ لاءِ پالڪين ۾ لشڪر ويهاري جهوناڳڙهه تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ راءِ دياس لِڪ ڇُپ ۾ ڪٽنب سميت ’اپرڪوٽ‘ ۾ اچي اجهو ورتو، اپرڪوٽ جي گهيري کي پورو هڪ سال ٿي ويو، پر ڪا به ڪاميابي حاصل نه ٿي ٻيجل نالي چارڻ پنهنجي راجا کي پريشان ڏسي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين ته ’ڪو چڱو چوکو انعام ملي ته دياس جو سِر آڻي اوهان جي قدمن ۾ رکان.“ راجا وراڻي ڏني ته قبول آهي ته تو کي ان ڪم لاءِ نه فقط مال متاع ملندو، پر درٻار ۾ پڻ چڱو درجو پائيندين. اها هام هڻڻ کانپوءِ ٻيجل چنگ کڻي اپرڪوٽ پهتو ۽ چنگ جي الستي آواز تي راجا کي موهي وڌائين، راجا چيس ته گُهر جيڪي گهرڻو اٿئي. ٻيجل هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته ”آءٌ گهران ته گهڻو ئي، پر جي تون اهو ڏيڻ کان انڪار ڪري وجهين ته مفت ۾ گِلا ٿيندئي.“
راءِ دياس وچن ڪيو ته ”آءٌ توکي وچن ٿو ڏيان ته جيڪي به گهرندين، سو ملندئي“. تنهن تي ٻيجل چيو ته ”تنهنجي سِر جو گهورو آهيان. راءِ ڏياس جي ماءُ ۽ زال (سورٺ) راءِ دياس کي دل مَن هڻندو ڏسي چيو ته ”سواليءَ کي وڌيڪ نه ترساءِ ۽ سِر ڏئي سرهو ٿيءُ، نه ته سڄي مُلڪ ۾ خوار ٿيندي.“ راجا سواليءَ جو سوال اگهايو ۽ پنهنجو ڪنڌ ڪپي سندس حوال ڪيو، ٻيجل اهو سر (ڪنڌ) کڻي گجرات جي راجا کي ڏنو ۽ ان وقت جي رسم موجب سورٺ، راءِ دياس جي ڌڙ سان چکيا تي چڙهي.
سنڌ ۾ هلندڙ روايت: 1003ع ڌاري جهوناڳڙهه تي سَمو حاڪم راءِ ڏياچ حڪومت ڪندو هو، کيس هڪ ڀيڻ هئي، جيڪا اولاد لاءِ سڪايل هئي، هڪ ڀيري ڪنهن فقير دُعا ڪيس ته ”پٽ ملندئي پر اهو ئي راءِ ڏياچ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندو.“ لکيو ڪين ٽريو ۽ نيٺ راجڪماريءَ کي پٽ ڄائو، کيس فقير واري ڳالهه ياد هئي سو ٻارڙي کي صندوق ۾ بند ڪري درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيائين، اها صندوق راجا انيراءِ جي ملڪ ۾ اچي نڪتي، هڪ چارڻ ۽ سندس زال پيتيءَ مان ان ٻار کي ڪڍي گهر کڻي آيا، مٿس ’ٻيجل’ نالو رکيائيون ۽ پٽ ڪري پاليائون. جوان ٿيڻ کانپوءِ ٻيجل جهنگ ۾ مال چارڻ لڳو، هڪ ڏينهن جهنگ ۾ ڪنهن شڪاريءَ هرڻ جو شڪار ڪري ان جا آنڊا هڪ ڪرڙ جي وڻ تي اڇلائي ڇڏيا هئا، ڏکڻ جي واءُ تي انهن آنڊن مان هڪ سُريلو ۽ من موهيندڙ آواز ٿي نڪتو، جنهن جي ترنم تي جهنگ جا سمورا جانور ۽ پکي مڙندا ٿي ويا. هڪ ڏينهن ٻيجل جي ڪنن تي به ساڳيو آواز پهتو، جنهن اُهي سُڪل آنڊا پنهنجي چنگ/ ساز تي چاڙهي ڇڏيا، ائين ٻيجل جو ساز سريلا ۽ من موهيندڙ آواز ڪڍڻ لڳو ۽ هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو. جنهن زماني ۾ ٻيجل ڄائو هو، انهي دؤر ۾ راجا انيراءِ کي پڻ هڪ ڌيءَ ڄائي هئي، کيس اڳ ۾ ئي گهڻيون ڌيئر هيون، تنهنڪري هن ان ڄاول ٻارڙيءَ کي صندوق ۾ بند ڪرائي، درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو. اها صندوق راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ رتني ڪنڀار کي هٿ آئي، هُن اُن نينگريءَ کي ڌيءَ ڪري پاليو ۽ مٿس ’سورٺ‘ نالو رکيائين.
سامائجڻ کانپوءِ سورٺ جي سونهن جي هنڌين ماڳين هاڪ ٿي، اها خبر جڏهن راجا انيراءِ کي پهتي، تڏهن هن رتني ڪنڀار کان سورٺ جو سنڱ ورتو. راءِ ڏياچ کي جڏهن اها خبر پئي، تڏهن سورٺ کي کڻائي پنهنجي محل ۾ آيو ۽ ساڻس شادي ڪري ڇڏيائين. انهيءَ تي راجا انيراءِ وڏو لشڪر وٺي جهوناڳڙهه تي ڪاهي آيو، ٻارنهن مهينا جهوناڳڙهه جو گهيرو ڪيائين، پر کيس ڪا به ڪاميابي حاصل نه ٿي، جنهن کانپوءِ پنهنجي ديس واپس وڃي پڙهو گهمايائين ته جيڪو راءِ ڏياچ جي سِسي وڍي ڏيندو، تنهن کي رَتن ٽَڪن جو ٿالهه ۽ ٻيو جيڪو به گهرندو سو ڏنو ويندو. ٻيجل جي زال لالچ ۾ اُهو ٿالهه وٺي رکيو ۽ انجام ڪيائين ته ٻيجل راءِ ڏياچ جو سِر وڍي آڻيندو. ٻيجل، زال جي چوڻ تي سُرندو سينگاري جهوناڳڙهه روانو ٿيو.
جهوناڳڙهه پهچي ٻيجل، راءِ ڏياچ جي محل ٻاهران تند تنوارڻ لڳو. سندس سرندي جو سوز هر هنڌ پکڙجي ويو. اهو آواز جڏهن راءِ ڏياچ جي ڪنن تي پيو ته کيس موهي رکيائين، جنهن تي راءِ ڏياچ، ٻيجل کي چيو ته ”گهرُ جيڪو گهرڻو اٿئي؟“
ٻيجل کيس چيو ته ”راجا! مون کي تو سان ڳُجهي ڳالهه ڪرڻي آهي.“ راجا جي حڪم تي ٻيجل کي محل ۾ آندو ويو، جنهن کانپوءِ راجا کيس وري چيو ته ”هاڻي گهُر جيڪو گهُرڻو اٿئي.“ جنهن تي ٻيجل وراڻيو ته، ”راجا! رڳو تنهنجي سِر جو گهورو آهيان، سِر ڏي ته منگتي کي مانُ ملي.“ اهو ٻُڌڻ شرط راءِ ڏياچ بنا دير جي سر لاهي ٻيجل کي ڏنو. ٻيجل سر کڻي انيراءِ جي درٻار پهتو ته انيراءِ اهڙي سخي مُڙس جو سِر لاهي اچڻ تي کيس ديس نيڪالي ڏئي ڇڏي. ٻيجل پشيمان ٿي جهوناڳڙهه پهتو، اُن وقت سورٺ ڏاگهه چڙهي رهي هئي، ٻيجل به انهيءَ آڙاهه ۾ کڻي پنهنجو پاڻ اُڇلايو ۽ سڙي ڀسم ٿي ويو.
هن روايت مان اهو ظاهر آهي ته راءِ ڏياچ سواليءَ جي صدا تي سر ڏنو، ان ۾ نه طلسماتي واڄي جو راز هو، نڪي راڳ تي ريجهي، راءِ ڏياچ بيخوديءَ مان سر وڍي ڏنو. اُها فقط ان دؤر جي ريت رسم هئي ته سوالي در تان خالي نه وڃي، هر حالت ۾ سواليءَ جو سوال پورو ڪرڻو آهي.
راءِ ڏياچ جي سنڌ واري قصي جي روايت ۾ به عجيب اتفاقي واقعا آهن، جيئن راءِ ڏياچ جي ڀيڻ کي ڪنهن فقير جي دعا سان پٽ ڄمڻ، جنهن لاءِ فقير جو چوڻ هو ته اُهو راءِ ڏياچ جو سر وڍيندو، تنهنڪري کيس درياهه ۾ لوڙهيو ويو، اُهو ٻارڙو راجا انيراءِ جي ملڪ ۾ چارڻن وٽ نپنو ۽ وڏو ٿي چارڻن جي ريت موجب چنگ وڄائڻ لڳو.
راجا انيراءِ کي وري اٺين ڌيءَ ڄائي، جنهن کي اڳ ۾ ئي ست ڌيئر هيون، ان به پنهنجي ڌيءُ کي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪا راءِ ڏياچ جي ڏيهه ۾ رتني ڪنڀار کي هٿ آئي ۽ هُن کيس ڌيءَ ڪري پاليو ۽ سندس نالو ’سورٺ‘ رکيائين. سورٺ جڏهن وڏي ٿي ته رتني ’سورٺ‘ کي راجا انيراءِ سان پرڻائڻ قبوليو. سورٺ جي سَڱ تان راجا انيراءِ ۽ راءِ ڏياچ جي وچ ۾ لڙائي لڳي. جيئن ته جهوناڳڙهه جبل تي مٿي هو، تنهنڪري راجا انيراءِ، راءِ ڏياچ جي سر وڍي اچڻ لاءِ پڙهو گهمرايو، ٻيجل هام هڻي سرندو ڪلهي ڪري جهوناڳڙهه ۾ آيو ۽ طلسماتي واڄو وڄائي، سر جي صدا هنيائين ۽ راءِ ڏياچ سواليءَ کي سر وڍي ڏنو.
ان قصي ۾ خاص توجهه طلب ڪي نُڪتا آهن، جن کي چارڻن ۽ سگهڙن دلچسپ بنائڻ لاءِ ڪجهه اضافي ڳالهيون به ملايون آهن.
قصي جي خليفي قاسم واري روايت ۾ ڄاڻايل آهي ته ٻيجل، راجا جي اڳيان ’ڀيرو‘ ۽ ’ڀڀاس‘ راڳ ڳايا هئا، ڇا انهن راڳن تي محو ٿي راجا يا ٻيو ڪو به فن جو ڄاڻو پنهنجو ڪنڌ ڪپي ڏئي سگهي ٿو؟ اهي اهڙا سوال آهن، جن جي جواب لاءِ سما گهراڻي جي پسمنظر جو تاريخي لحاظ سان جائزو وٺڻو پوندو.
عرب دؤر ۾ سومرا سنڌ جي ڏکڻ اوڀر واري ايراضيءَ ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جي سرحد تي رهندڙ هئا. سندن اصل بستيون سنڌ جي ڏکڻ اڀرندي واريءَ ايراضيءَ ۾ هيون، جيڪا ايترو آباد ڪا نه هئي، انهي ڪري سومرا جيتوڻيڪ حڪمران ٿيا، ته به وٽن سخا ڪا نه هئي، ان جي برعڪس سما سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙيل هئا، مالوند مارو ماڻهو هئا، جن جي زندگيءَ جو مرڪز جهنگ ۽ ننگ، ٻني ۽ ڪني، مال متاع ۽ وسڪارو هئا. سدائين سائي ۽ سرهي جوءِ ۾ خيما کوڙي ويهندا هئا، سندن گذران مال ڌارڻ تي هوندو هو، جتي مينهن وسندا هئا، اُتي مال ڪاهي ويندا هئا، جنهنڪري وٽن کير مکڻ جي ڪمي ڪانه هئي، سندن آباديون سون اپائينديون هيون، منگتا مڱڻهار وٽائن دل گهريا دان وٺندا هئا، سوالي سندن در تان ڪڏهن به خالي نه ويو، تنهنڪري سندن سخا جي هنڌين ماڳهين هاڪ هلي وئي.
سوالين به سندن سخا جي پرکا وٺڻ لاءِ اڻ ٿيڻيون صدائون هنيون ته جيئن سندن مان مرتبو مٿانهون ٿئي، سمن سردارن به دل کولي سخا ڪئي ۽ دان ڏنا. ڀٽن ڀانن ۽ چارڻن کي ويتر ورسايائون، جن پنهنجن مربين ۽ سندن وڏن کي ڏاتار ڪري مڃيو ۽ مشهور ڪيو. اهڙيءَ طرح سمن مان ڏهه ڏاتار مشهور ٿيا: (1) وڪيو ڏاتار، (2) جکرو اوڍاڻي، (3) ڄام ڪرن،
(4) راءِ ڏياچ، (5) راهو هوٿياڻي، (6) ڄام انڙ، (7) سپڙ چوٽاڻي، (8) ڄام لاکو ڦلاڻي، (9) ڄام اوٺو جکراڻي، ۽ (10) هڻند ٿڌياڻي.
ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن اُنهن ڏاتارن جي قصن کي ڪهاڻين ۽ ڳاهن ۾ ڳايو، اُنهن چارڻن ۾ ڀاڳوڀان ۽ سمنگ چارڻ تمام گهڻو مشهور ٿيا، پوئين ويجهي دؤر ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙي شاعر پڻ انهن ڏاتارن جي سخا کي خوب ڳايو.
تاريخي طور تي هي سر (سورٺ) سمن جي دؤر سان تعلق رکي ٿو. سمن جي گهراڻي سنڌ تي 1350ع کان 1520ع تائين حڪومت ڪئي، جيتوڻيڪ سنڌ تي 170 سال حڪومت ڪيائون، پر سندن مکيه قبيلا آڳاٽي وقت کان سنڌ جي وچولي ايراضيءَ ۾ رهندڙ هئا، اٺين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ محمد بن قاسم جي سنڌ جي فتح وقت موجوده نوابشاهه جي مشهور بستي ’سن ساوڙي‘ سمن جو مکيه مرڪز هئي. پوئين دؤر ۾ خاص ڪري لاکاٽ وارو ڀاڱو سندن طاقت جو مرڪز هو.
سومرن جي دؤر ۾ سمن قبيلن ڪڇ جي وڏي ڀاڱي کي وسايو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ سمن قبيلن جي ڪاٺياواڙ تي حڪومت ڪرڻ بابت لکيو آهي ته 875ع ڌاري راءِ چوڙا سمي ڪاٺياواڙ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ گاديءَ جو هنڌ ’ونٿلي‘ کي مقرر ڪيائين. سندس پويان پاڻ کي ’چوڙا سما‘ سڏائڻ لڳا. راءِ ’گرهريو‘ هن گهراڻي جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي. جهوناڳڙهه جو مشهور قلعو به سندس ٺهرايل آهي. هي قلعو ونٿليءَ کان اٺ ميل پري گرنار جبل جي اولهه طرف آهي. جهوناڳڙهه جي سموري شهر کي عالم پناهه آيل آهي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم ۽ ثابت آهي. راءِ گرهريو 982ع ۾ گذاري ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ راءِ ڪوات گادي نشين ٿيو، جنهن 1003ع ۾ وفات ڪئي، جنهن کانپوءِ سندس پٽ راءِ ڏياس تخت تي ويٺو، ڏياچ ’ڏياس‘ جي بگڙيل صورت آهي. سنڌ جو هي مشهور داستان سنڌ ۾ سخين ۽ سوالين جي سماجي ماحول جو يادگار آهي، جنهن ۾ منگتن طرفان ساراهه سان مشهور، سوالين جي سوال جي اهميت ۽ ڏاتارن طرفان ان جي قدردانيءَ کي منگتا ڳائي وڄائي ساراهيندا هئا. انهيءَ ڪري هڪ طرف هيءُ منگتن مڱڻهارن جي موسيقيءَ ۾ مهارت جو داستان آهي ته ٻئي طرف هڪ ڏاتار جي سخاوت جو بيان آهي، جنهن ۾ هو پنهنجو سر قربان ڪريو ٿو ڇڏي.
هن تاريخي داستان جي ڪهاڻيءَ جا ٽاڻا ٽڪاڻا ۽ انهن سان منسوب روايتون ۽ ڳالهيون هڪ اهڙو منظر پيش ڪن ٿيون، جيڪي جيءُ کي جهوريندڙ ۽ عبرت آموز هئڻ سان گڏ ’ڏياچ‘ جي خود قرباني يعني سر جي سخا جي عمل کي پيش ڪري ٿو. سخا جي هن تاريخي واقعي جي صداقت ۽ سماج اندر سماجي روايت ۽ عمل کي زندهه رکڻ واري ڳالهه رهنديءَ دنيا تائين پئي ڳائبي ۽ سنڌ جي سخين ۽ ڏاتارن ۾ ڏياچ جو نالو نهايت احترام سان ورتو ويندو.
سورٺ، جيڪا هن سڄي مامري جو مرڪز ۽ محرڪ هئي، اها پنهنجي سونهن، سوڀيا، سيتلتا ۽ ونيءَ واري روپ ۾ وڏي پد واري عورت نظر اچي ٿي، جيڪا پنهنجي ور جي سر جي قربانيءَ ۾ مانع نٿي ٿئي. بلڪ ان قربانيءَ تي پنهنجو پاڻ کي نثار ڪري ڇڏي ٿي يعني چکيا چڙهي وڃي ٿي. سورٺ جي نُک بابت ڪنهن سالڪ چيو آهي ته:
سورٺ اميل ديس ڪي، ذات وڏي پرمار،
ٻيٽي راجا ڀوج ڪي، پالي رتن ڪنڀار،
مڱ انيراءِ راٺوڙ ڪي، پرڻي راءِ کنگهار.
۽ ائين به چيو ويندو آهي ته:
سورٺ سيتل ڪامڻي، سورٺ ميٺا راڳ،
ڪهون تو پربت ڦٽ پڙي، مور نه چلي ذات.
هي واقعو جنهن نموني اسريو نسريو، ڀٽن ڀانن، مڱڻهارن، منگتن ۽ چارڻن جي چوٻول ذريعي هن ڌرتيءَ تي عام ٿيو. ان جا پنهنجا مضمرات ۽ ٽاڻا آهن.
شاهه لطيف جهڙي عظيم شاعر هن قصي جي تاريخي ۽ معنوي حيثيت کي محسوس ڪندي، پنهنجي مخصوص شاعراڻي ۽ عارفاڻي رنگ ۾ جنهن تنوع ۽ مضمونن جي گهڻائيءَ سان بيان ڪيو آهي. اهو نهايت اعليٰ مقام وارو آهي. شاهه لطيف قصي جي تاريخي عنصرن ۾ پنهنجي فڪري روين کي مختلف صورتن سان سمايو ۽ بيان ڪيو آهي. اهو هن ڏات ڌڻيءَ جي اندازِ نگارش ۽ اسلوب جو ڪمال آهي، جنهن ۾ تصوف جي باريڪ نڪتن ۽ سر جي سخا جي لافاني عمل کي اجاگر ڪيو ويو آهي.
تند برابر توريان، جي سَو سِرن پائي،
اُٽل اوڏاهين ٿئي، جيڏانهن ٻيجل ٻُرائي،
سکڻو هڏ آهي، سر ۾ سڃڻ ناهه ڪي!
-
گُل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
سهسين سورٺ جهڙيون، اُڀيون اوسارين،
چوٽا چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رم گيو!


لفظ سورٺ راءِ ڏياچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو