رتن

رتن (رسالو): هي سنڌي رسالو 1934ع ۾ رتن ساهتيه منڊليءَ پاران ڪراچيءَ مان جاري ڪيو ويو، جنهن جو ايڊيٽر پارومل ڪيولراماڻي هو، هيءُ نج ادبي رسالو هو، هن رسالي ۾ خبرون، ادارن تي تنقيد ۽ تبصرا وغيره به شايع ڪيا ويندا هئا. اهي تبصرا نج ادبي ٻوليءَ ۾ هوندا هئا. اڳتي هلي هن رسالي ۾ شايع ٿيندڙ افسانن کي رتن ساهتيه منڊل پاران ڪتابي شڪل ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. هي رسالو 1947ع تائين نڪرندو رهيو ۽ پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت حاصل ڪري ورتي هئائين.


لفظ رتنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو