داخلا نمبر 6369
عنوان تِر
شاخ کاڌ خوراڪ
پڙهيو ويو 285 ڀيرا
داخلا جو حوالو انسائيڪلوپيڊيا جلد ٻيو
تر

تر

ترن جو ٻوٽو

ترن جو ٻوٽو

تِر

تِر (Sesame ):تر خريف جي موسم جو هڪ تيلي ٻج آهي، جنهن کي هنديءَ ۾ تل به چون ٿا. ترن جا ٻه قسم ٿين ٿا، اڇو ۽ ڪارو ٻج، جيڪي بيضوي شڪل جا سنها ٻج آهن. سنڌ ۾ قديم زماني کان ترن جي پوک ٿئي ٿي. هن خطي مان ترن جو تيل ڪجهه يورپي ملڪن ڏانهن واپار سانگي موڪليو ويندو هو. ترن جو ٻج موهن جي دڙي ۽ هڙاپا جي آثارن مان پڻ مليو آهي، جنهن جو تعلق ٻه هزار سال اڳ ق.م جي دؤر سان آهي، جنهن مان هن فصل جي پراڻي وقت کان پوکي ٿيڻ جي شاهدي ملي ٿي. جڏهن ته مصر جي قديم آثارن مان مليل ٻج 1300 ق.م جو آهي. هي اهو ئي دؤر آهي، جڏهن بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍيو ويو. ترن جي ٻج ۽ تيل جو ذڪر هندستان جي ويدن واري دؤر جي تحريرن يا لکتن ۾ به موجود آهي. ان زماني ۾ ان کي مذهبي ڏڻ ملهائڻ لاءِ استعمال ڪيوويندو هو. ترن جو اصلوڪو وطن آفريقا آهي. هي فصل اولهه ايشيا کان هندوستان، چين ۽ جپان ڏانهن پکڙيو. ترن جو فصل پاڪستان، هندوستان، برما، چين، جپان ۽ آفريقا جي گرم ۽ خشڪ علائقن ۾ خريف جي فصل طور تمام پراڻي وقت کان پوکيو وڃي ٿو. جڏهن ته آمريڪا، ميڪسيڪو، لاطيني آمريڪا ۽ ڪوريا ۾ به تر پوکيا وڃن ٿا. تر خريف جو اهم تيلي ٻج وارو فصل آهي، جيڪو اڪثر ڪري گرم آبهوا ۽ وچولي قسم واري زمين ۾ پوکيو وڃي ٿو. سنڌ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ ۽ مينهن جي گھٽ مقدار ۾ پوڻ سبب ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته اهڙا فصل پوکيا وڃن، جن کي پاڻيءَ واري گھرج گھٽ هجي ۽ اهي نفعي بخش پڻ هجن. اهو ئي سبب آهي جو هن وقت گھٽ پاڻيءَ وارن فصلن ۾ ترن جي اهميت تمام گھڻي وڌي وئي آهي، تنهنڪري پاڻيءَ وارن علائقن ۽ باراني ايراضيءَ ۾ ترن جي پوک نهايت ڪارائتي ٿيندي. هي فصل ٿوري وقت اندر پچي ٿو ۽ گھٽ ۾ گھٽ پاڻي تي ٿئي ٿو. ترن جو فصل 80 سيڪڙو کان به وڌيڪ باراني علائقن ۾ پوکيو وڃي ٿو ۽ ڪجهه ضلعن ۽ آبپاشيءَ وارين ايراضين ۾ آبپاشي تي پوکيو وڃي ٿو. علائقي جي لحاظ کان ترن جو فصل دادو، سکر، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ضلعن جي آبپاشيءَ واري ايراضين ۾ پوکيو وڃي ٿو. جڏهن ته ضلعي ٿرپارڪر (عمرڪوٽ سميت) ۾ 80 سيڪڙو باراني فصل طور پوکيو وڃي ٿو. هن فصل کي جوئر، ٻاجھري، مڱ، گوار ۽ ڪپهه سان گڏ به پوکي سگھجي ٿو. ترن کي ڪچي جي علائقن ۾ گڏيل فصل طور به پوکي سگھجي ٿو. ڪچي جي علائقن جھڙوڪ: دادو، سکر، گھوٽڪي، نوابشاهه (بينظيرآباد) ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ تمام گھڻي ايراضيءَ تي پوکيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ هي فصل سنڌ جي خشڪ علائقن جھڙوڪ: ٿر، ناري، ڪچي، ڪاڇي ۽ ڪوهستان اندر برسات تي عام پوکيو وڃي ٿو. پاڻيءَ جي کوٽ جي ڪري ترن جي اهميت وڌي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته ترن کي پاڻيءَ جي گھٽ ضرورت ٿئي ٿي. في ايڪڙ پيداوار تي خرچ گھٽ ۽ نفعو وڌيڪ ڪمايو وڃي ٿو.ترن جي اهميت ۽ فائدا: ترن جو ٻج کاڄرو تيل جو اهم ذريعو آهي، جنهن ۾ 46 کان 50 سيڪڙو تيل ٿئي ٿو. ترن جو تيل ننڍي کنڊ ۾ کاڌي جي تيل (Cooking Oil) طور ڪتب اچي ٿو. هي تيل انساني صحت لاءِ انتهائي اعليٰ معيار جو آهي، جيڪو سڀ کان وڌيڪ کاڌن تيار ڪرڻ لاءِ ڪم اچي ٿو. ترن جي تيل ۾ جيئن ته 50 سيڪڙو تيل جو مقدار ۽ 20 سيڪڙو پروٽين آهي، جنهن جي کائڻ سان دل جي بيمارين ۽ هاءِ بلڊپريشر وارن موذي مرضن کان بچي سگھجي ٿو. ترن جي تيل ۾ اولڪ ائسڊ (Oleic Acid) ۽ لنولينڪ ائسڊ (Linolenic Acid) هجڻ سبب گھڻو وقت رکڻ سان خراب نٿو ٿئي. دنيا اندر خاص ڪري مغربي ملڪن ۾ ڇلڪا لٿل ترن جو ٻج مانيءَ يا ڪيڪ مٿان ڇٽڪاري، ان کي سڌو يا گول ويڙهي کاڌي لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ترن جا ٻج ٽڙڪايل يا سيڪيل، کنڊ سان ملائي بوڙينڊن يا مٺائيءَ جي صورت ۾ کاڌا وڃن ٿا. ترن جي ٻج مان جدا جدا شيون ٺاهڻ يا کاڌن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو. عام ڪري ترن جي ٻج مان پڻ ريوڙيون، لائي ۽ ترن جا بوڙيندا ٺهن ٿا. ترن جو کڙ (Oil Cake) ڏاڍو مزيدار ٿئي ٿو ۽ هڪ بهترين غذا هجڻ سبب جانور به مزي سان کائين ٿا. ترن جو کڙ حياتين، نشاستي ۽ معدني خوراڪ جھڙوڪ: ڪئلشيم ۽ فاسفورس ۾ خود ڪفيل آهي. جڏهن ته ترن جو کڙ کاڄرو آهي ۽ عام ماڻهو ان کي متبادل خوارڪ طور کائين ٿا. هي کير وارن جانورن لاءِ پڻ قيمتي ۽ خوراڪي چارو آهي. ترن جو تيل عام طور دوائن، عطر ۽ خوشبودار تيل ۽ دوائن جي تياريءَ ۾ ڪم اچي ٿو. ان کان سواءِ هن ٻوٽي جا مختلف حصا پڻ دوا ٺاهڻ ۾ ڪم اچن ٿا. ترن جي ٻن قسمن يعني اڇي ۽ ڪاري جنسن جو تيل گهاڻي ۾ پيڙي ڪڍيو وڃي ٿو، جنهن مان ڪارن ترن جو تيل کاڌي پچائڻ ۽ دوائن لاءِ ڪم اچي ٿو ۽ سفيد يا اڇن ترن جو تيل وارن جي تيل تيار ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو، جيڪو وارن جي خشڪي گھٽائي ٿو. ايشيا ۾ هن جي تيل کي ٻارڻ يا روشنيءَ لاءِ استعمال هيٺ آڻجي ٿو يا ڪارخانن ۾ رنگ ۽ روغن تيار ڪيو وڃي ٿو. طبيبن جي راءِ موجب تر بدن کي ٿلهو ڪن ٿا ۽ معدي ۽ وات جي خشڪي ختم ڪري، پيشاب جي گھڻائيءَ کي روڪين ٿا. ترن جو تيل دوائن ۾ ڪم اچي ٿو ۽ ترن جو مزاج گرم آهي، جنهنڪري حڪيم ترن کي سيني ۽ ڦڦڙن جي رطوبت ۽ جگر جي بيمارين جي علاج لاءِ مختلف طريقن سان استعمال ڪن ٿا. ترن جو تيل دماغ جي خشڪي لاهڻ، ٻڦي، خارش، پت، ڦٽ ڦرڙين کي فائدو ڏئي ٿو. ترن جا گل به طبي طور مفيد آهن. ترن جو ٻج بدن کي سگھارو بڻائي ٿو ۽ سوڄ لاهي ٿو. تر حيض جاري ڪن ٿا.

ٻوٽي جي نباتاتي معلومات: تر جو ٻوٽو اڀو ۽ ساليانو ٿئي ٿو. هي ٻوٽو سادو ۽ شاخدار ٿئي ٿو. هن جا پن هيٺيان آمهون سامهون ۽ مٿيان الڳ الڳ آهن. ترن جا گل بي ترتيب يا هڪ طرفي شڪل وارا ۽ وقتي طور ٻه يا ٽي گڏ ٿين ٿا، جيڪي ننڍي ڏانڊي ۽ پن جي ڪنڊ مان ٽڙن ۽ شاخن جي مٿين حصي کان نڪرن ٿا. ترن جي ڦل کي ڦري (Capsule) چئجي ٿو، جيڪا اڀي ۽ مستطيل شڪل جي ٿئي ٿي. ترن جي ڦري ۾ گھڻا بيضوي ٻج ٿين ٿا. انهن جي ٻاهران کل هموار يا ڄاريدار ٿئي ٿي، جيڪا سفيد، پيلي ۽ ڳاڙهائڻ مائل خاڪي يا ڪاري رنگ جي ٿئي ٿي. تر جا ٻج ننڍا اڇي يا ڪاري رنگ جا ٽڪنڊي شڪل ۾ ٿين ٿا. ترن جو ٻج، البيوميني ۽ تيلي يا روغني (Oleaginous) قسم جو آهي. ڇاڪاڻ ته تر هڪ قديمي تيل پيدا ڪندڙ فصل آهي، جنهن جو ابتدائي مرڪز آفريقا آهي. جتي ترن جي فصل جا الڳ جهنگلي قسم موجود آهن. پاڪستان هن فصل جو ٻئي درجي وارو مرڪز آهي ۽ ان بعد جپان به ترن جي ٻئي درجي واري مرڪز ۾ اچي ٿو.ترن جي پوک لاءِ حڪمت عملي: ترن جي پوکيءَ ۾ حڪمت عملي جي استعمال سان پيداوار ۾ اضافو آڻي سگھجي ٿو، جنهن ۾ زمين جي چونڊ، تياري، جنسن، نج ٻج، پوکيءَ جو وقت ۽ طريقي، ڀاڻ، پاڻي، بيمارين ۽ جيتن جو تحفظ، لاباري، ڳاهه ۽ صفائيءَ کان وٺي مارڪيٽ يا منڊيءَ تائين پهچائڻ وارا مرحلا اچي وڃن ٿا. زمين: ترن جي پوک لاءِ هلڪي وارياسي يا لٽاسي زمين ضروري آهي. جڏهن ته چيڪي ۽ ڳري زمين يا ڪلراٺي زمينن ۾ ترن جو فصل نه پوکڻ گھرجي. ترن جي پوک لاءِ چونڊ ڪيل زمين ۾ واڌو پاڻيءَ جي نيڪال جي سٺي صلاحيت موجود هئڻ گھرجي.زمين جي تياري: ترن جي پوک لاءِ زمين جي تياريءَ تي خاص ڌيان ڏيڻ گھرجي. جنهن ۾ سڪيءَ جا ٻه هر ڏئي ڀتر ڀڃي زمين کي بهتر نموني سنوت ۾ آڻجي ۽ ٻارا بندي مڪمل ڪري ريج ڪجي. جڏهن زمين وٽ ۾ اچي ته پوءِ ٻه ٽي هر ڏئي پاٽيو وغيره گھمائي گھربل ماپ جا ٻارا تيار ڪري پوکي ڪجي. باراني علائقن ۾ سانوڻيءَ جي مينهن کان پوءِ زمين تيار ڪري هڪدم پوکي ڪجي.جنسون: هن فصل جي پوک لاءِ سڌريل جنس ايس 17 استعمال ڪجي. جڏهن ته ايس 18 ۽ ايس 20 جنسون به سفارش ٿيل آهن، جيڪي زرعي تحقيقاتي اداري ٽنڊو ڄام جي تيلي ٻجن واري شعبي طرفان تيار ڪيون ويون آهن.پوکيءَ جو وقت ۽ طريقو: زرعي ماهرن موجب ترن جي پوک ڏکڻ سنڌ ۾ پهرين جون کان 30 جون تائين ڪجي. جڏهن ته اتر سنڌ ۾ ترن جي پوک 15 جون کان 15 جولاءِ تائين مڪمل ڪجي. باراني علائقن ۾ ترن جي پوک سانوڻيءَ جي مينهن کان بعد جلدي ڪجي، پر هن فصل جي پوکي آگسٽ تائين ڪري سگھجي ٿي. فصل مان وڌيڪ پيداوار لاءِ پوکي هميشه ناڙيءَ ذريعي قطارن ۾ ڪرڻ گھرجي. هن فصل ۾ هڪ قطار کان ٻي قطار جي وچ ۾ مفاصلو هڪ کان ڏيڍ فوٽ رکڻ گھرجي. هن فصل جو ٻج ننڍو ٿئي ٿو، تنهنڪري ٻج سان واري، مٽي يا ڇار ملائي پوکي ڪجي.ٻج جو مقدار: زرعي ماهرن جي راءِ موجب ٻج هميشه نج يا صاف سٿرو استعمال ڪجي. ناڙيءَ وسيلي پوکيءَ لاءِ في ايڪڙ ٻج جو مقدار هڪ کان ڏيڍ ڪلو گرام ۽ ڇٽ ذريعي ٻج ڏيڍ کان ٻه ڪلوگرام استعمال ڪجي.ڇڊائي ۽ گُڏ: ترن جي پوک ۾ تجربن ذريعي ثابت ٿيو آهي ته گھاٽي فصل مان پيداوار گھٽ لهي ٿي. تنهنڪري فصل ۾ ڇڊائي ضروري آهي. فصل ۾ پهريون پاڻي ڏيڻ کان اڳ ۾ يعني پوکيءَ جي 15 کان 20 ڏينهن بعد ڇڊائي ڪجي. ڇڊائيءَ سان ٻوٽن کي روشني ۽ هوا بهتر نموني ملي ٿي ۽ ٻوٽا سٺي واڌ ويجهه سبب وڌيڪ پيداوار ڏين ٿا. ڇڊائيءَ وقت ڪمزور ۽ سڙيل ٻوٽا ڪڍڻ گھرجن. ٻوٽي کان ٻوٽي جو مفاصلو 12 انچ يا 30 سينٽي ميٽر رکجي. ٻوٽن جي وچ ۾ مفاصلو گھٽ وڌ نه هئڻ گھرجي. گندگاهه جي ٻوٽن جو گُڏ ذريعي خاتمو ڪري پاڻي ڏيڻ گھرجي. گڏ جو عمل پهريون پاڻي ڏيڻ بعد ڪرڻ گھرجي.ڀاڻ ڏيڻ: تجربن مان ثابت ٿيو آهي ته ترن جي فصل کي زرخيز يا ڀلي زمين ۾ پوکيءَ وقت ڀاڻ ڏيڻ جي ضرورت نه آهي، پر وچولي ۽ ڪمزور زمين ۾ هڪ ٻوري ڊي اي پي پوکيءَ وقت ۽ مني ٻوري يوريا پهرين پاڻيءَ وقت ڏيڻ گھرجي. جڏهن ته باراني زمين ۾ ڀاڻ جو سمورو مقدار پوکيءَ وقت ڏجي. جنهن ۾ هڪ ٻوري ڊي اي پي ۽ اڌ ٻوري يوريا پوکيءَ وقت ڏيڻ گھرجي. هن فصل ۾ حد کان وڌيڪ ڀاڻ نه ڏجي، ٻيءَ صورت ۾ فصل ڀَلَ سبب ڪري پوندو ۽ پيداوار گھٽ لهندي.پاڻي ڏيڻ: ترن جي فصل کي پوکيءَ کان پچي راس ٿيڻ تائين 3 کان 4 هلڪا پاڻي ڏيڻ گھرجن، پاڻي 12 ايڪڙ انچ ڏيڻ گھرجي. جيڪڏهن فصل جي پاڙن ۾ پاڻي بيٺل نظر اچي ته ان جي نيڪال جو پورو بندوبست هئڻ گھرجي.گندگاهه ڪڍڻ: ترن جي فصل ۾ گندگاهه جو خاتمو فصل جي پوکيءَ جي 15 ڏينهن کان وٺي 45 ڏينهن تائين آڻڻ گھرجي. فصل کي پهريون پاڻي ڏيڻ بعد گندگاهه جي خاتمي لاءِ کرپي، کيڙو ۽ ڪوڏر ڪم آڻجي يا گندگاهه کي هٿ سان ڪڍڻ گھرجي.لابارو: ترن جو فصل 110 کان 120 ڏينهن اندر پچي تيار ٿئي ٿو. فصل جو لابارو ان وقت ڪجي، جنهن وقت ڦريون هيڊيون ٿيڻ لڳن. جڏهن پنن جو ڇاڻو ٿيڻ لڳي ته جلدي لابارو شروع ڪجي، لاباري ۾ دير نه ڪجي نه ته ڦرين سڪڻ سبب انهن جا منهن کلي ويندا ۽ ٻج ڇڻڻ شروع ڪندو ۽ پيداوار گھٽجي ويندي، جنهنڪري ڦرين سڪڻ کان پهرئين لابارو ڪرڻ گھرجي. اڪثر حالتن ۾ فصل جو لابارو سيپٽمبر جي آخر يا آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ ڪيو وڃي ٿو.ڳاهه ۽ وائر: لابارو ٿيل ٻوٽن جون ننڍيون ننڍيون ڳٺڙيون ۽ گڏا ٺاهي ٻڌجن. ٻوٽن جو ڦرين وارو حصو مٿان ڪجي ته جيئن اس لڳي. گڏا اڀار ڪري رکڻ گھرجن ته اس لڳڻ سبب ڦريون کلي نه وڃن. جڏهن ٻوٽا مڪمل طور سڪي وڃن ته انهن کي صاف جاءِ تي رکي هلڪا ڌڪ هڻجن ته جيئن ٻج آسانيءَ سان نڪري وڃن. بعد ۾ ٻج صاف ڪري ۽ سڪائي ٻورين ۾ رکجي. پيداوار: ترن جي فصل جي نهري علائقن ۾ پيداوار 10 کان 12 مڻ في ايڪڙ لهي ٿي. جڏهن ته باراني پوک جي پيداوار 4 کان 6 مڻ في ايڪڙ ملي ٿي، پر جيڪڏهن موسمي حالتون صحيح آهن ته سٺي نموني پوکيل فصل مان 18 کان 20 مڻ في ايڪڙ پيداوار وٺي سگھجي ٿي. هي نهايت ڪمائتو فصل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

هن داخلا لاءِ تاريخ جا حوالا موجود نه آهن

کاڌ خوراڪ - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بادشاهِڻِ
بادِلو2
آبِحيات
باديانُ
آب زُلال
آبِ زمزم
آب ڪوثر
باسپتي
آڀون
باکرو ڏاڙهون
کاڌ خوراڪ ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون