ٽنڊو

ٽَنڊو: بلوچ قبيلي يا ڪٽنب جي رهائش واري جُوءِ. بلوچن جو اڏيل ڳوٺ. لفظ ”ٽنڊي“ جي اصل حقيقت اها آهي ته بلوچ کَلُن، اُن يا ڏاس مان تنبو ٺاهيندا آهن. ننڍا ننڍا تنبو گڏي يڪو وڏو طنبو ٺاهيندا آهن، جيڪو کين خانه بدوش زندگيءَ ۾ اجهي جو ڪم ڏيندو آهي ۽ سڄي ڪٽنب لاءِ هڪڙو ئي ”توده“ ڪافي هوندو آهي. سنڌ ۾ بلوچن، پنهنجي رهائش اختيار ڪئي ته سماجي رواج موجب اهو ”توده“ بدلجي ”تنده“ يا ”ٽنڊو“ ٿي ويو. سنڌ ۾ گهڻا ڳوٺ ۽ شهر ”ٽنڊي“ جي نالي سان قائم ٿيا. عام طرح ”ٽنڊو“ ننڍي ڇانوڻي هوندو آهي. ميرن جي اڪثر سپهه سالارن جا ٻڌل ڳوٺ ’ٽنڊا‘ سڏيا ويا، ڇو ته اُتي انهن سپهه سالارن جي هٿ هيٺ سپاهه رهندو هو.


لفظ ٽنڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو