شاهدي

شاهدي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب محمد عثمان ڏيپلائي جي سنڌ جي سماجي حالتن تي سرجيل ناٽڪ تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1950ع ۾ اسلاميه دارالاشاعت طرفان ڇپايو ويو، جيڪو 20 صفحن تي مشتمل هو، جنهن جي قيمت 4 آنا هئي. ٻيو دفعو ڇهه ماهي مهراڻ ۾ 1956ع ۾ ڇپيو. ٽيون دفعو عثمانيه لائبريري ڪنڊيارو طرفان ڇپايو ويو ۽ چوٿون دفعو انسٽيٽيوٽ آف سنڌ الاجي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان 1982ع محمد عثمان ڏيپلائي جي ناٽڪن جي ڇپيل مجموعي’ناٽڪ‘ ۾ شامل ڪري ڇپايو ويو. 1980ع ۾ ’سنڌي ناٽڪ جي صدي‘ ملهائي وئي جنهن ۾ هن ناٽڪ کي هڪ صديءَ جي بهترين ناٽڪن ۾ شمار ڪري اسٽيج ڪيو ويو.


لفظ شاهديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو